اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ??سد قيصر چيو آهي ته پاڪستان جي سول سوسائٽي جمهوريت جي استحڪام ۽ ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، پارليامينٽ جمهوريت کي ڪاميابي سان وڌندي ويجهندي ڏسڻ چاهي ٿي. ڊيموڪريسي رپورٽنگ انٽرنيشنل، ڊي آر آئي نيشنل ڪان??رن?? کي خطاب ڪندي هن ڊي آر آئي قومي ڪان??رن?? جي انعقاد کي ساراهيو ۽ چيو ته سول سوسائٽي جو ڪم معاشري ۾ بي حد اهميت رکندڙ آهي، حڪومت سول سوسائٽي سان ڀرپور تعاون ڪري رهي آهي، پارليامينٽ ۾ ٻارن جي بهتري لاءِ قا??ون سازي ٿي رهي آهي، اسلام آباد ۾ ٻارن جي تعليم سان گڏوگڏ شيلٽر هومز به ٺاهيا پيا وڃن، قومي اسيمبلي ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي جيڪا ان تي ڪم ڪري رهي آهي، ڪميٽي ۾ سم??ري?? پارٽين جي نمائندگي آهي، چونڊ سڌارن کانپوءِ جمهوريت کي وڌيڪ سگهه ملي آهي، هن چيو ته سول سوسائٽي کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري ان جي صلاحيت موجب موقعو ڏنو وڃي جنهن لاءِ پارليامينٽ جا دروازا کليل آهن.