ترجمو: عدنان کوکر
(خصوصي فيچر)
پاڪستان کي ماحوليات جي منظرنامي تي ماحولياتي آلودگي، پاڻي کوٽ، موسمياتي تبديلي، عالمي حدت جهڙا ڳنڀير مسئلا درپيش آهن. تازي عالمي ماحولياتي ڪارڪردگي انڊيڪس (اي پي آءِ) موجب پاڪستان انهن ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهي جيڪي خراب ايئر ڪوالٽي معيار جي ور چڙهيل آهن. انهن ماحولياتي مسئلن جا وڏا سبب ڪاربن جو خارج ٿيڻ، وڌندڙ آبادي ۽ ٻيلن جي واڍيءَ آهي. عالمي ماحولياتي ادارن جي تحقيق موجب ڪنهن به ملڪ جي خشڪ زمين جو 25 سيڪڙو ٻيلن تي ٻڌل هجڻ انتهائي مناسب ۽ انساني زندگي جي لاءِ انتهائي ضروري تصور ڪيو وڃي ٿو. 2017ع جي ورلڊ بئنڪ جي ترقياتي انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ ٻيلا 1.9 سيڪڙو رهجي ويا آهن ٻيلن جي ايتري اهميت هجڻ جي باوجود هڪ زرعي ملڪ هجڻ جي باوجود پاڪستان ۾ وڻن ۽ ٻيلن جي ايتري شديد کوٽ اسان جي لاءِ تعجب جوڳي آهي ۽ افسوس جو مقام اهو آهي ته اهو انگ ڏينهون ڏينهن وڌيڪ گهٽ ٿيندو پيو وڃي. وزيراعظم عمران خان ملڪ کي درپيش ماحولياتي چئلينجز جو ادراڪ رکندي ڪيترن ئي موقعن تي ان ڳالهه کي اجاگر ڪري چڪو آهي ته اسان کي ماحولياتي آلودگي سميت ڪيترائي مسئلا درپيش آهن. ملڪ جي مستقبل لاءِ اسان کي گهڻ مدي واري منصوبابندي ڪرڻي پوندي.
وزيراعظم عمران خان لاهور ۾ جيلاني پارڪ ۾ اربن فاريسٽ منصوبي جي تازي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسان وٽ ڇانگا مانگا، ڪنڊيان، چيچا وطني ديپالپور جهڙا ٻيلا ختم ٿي ويا آهن ڪنهن اهو نه سوچيو ته انهن ٻيلن جي خاتمي جا ڪيترا خطرناڪ نتيجا نڪرندا، گذريل 12 سالن ۾ لاهور جي 70 سيڪڙو وڻن جو خاتمو ٿي چڪو آهي. هن واضح ڪيو ته ايندڙ نسل کي صاف ماحول جي فراهمي يقيني بڻائڻي پوندي. 50 مختلف جاين تي مياواڪي ٻيلا لڳايا ويندا. جن جا گهٽ عرصي ۾ ڏوررس اثر پوندا. پارڪس اينڊ هارٽيڪلچر اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل جواد احمد قريشي چيو ته وزيراعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي ويزن موجب پي ايڇ اي لاهور ۾ مياواڪي اربن فاريسٽ لڳائڻ جو سلسلو ڪجهه مهينا اڳ شروع ڪيو، اهي ٻيلا مخصوص انداز ۾ لڳايا وڃن ٿا جنهن سان زيتون، ڏاڙهون، جامن جهڙا ميويدار وڻ ۽ موتيا، مروا جي گلن جا ٻوٽا لڳايا وڃن ٿا ۽ ان سان هڪ دلڪش فضا پيدا ٿئي ٿي جنهن ۾ ماکيءَ جون مکيون، تتليون واپس اچن ٿيون. وزيراعظم جي ويزن تحت موجوده حڪومت جو عزم آهي ته ماحولياتي آلودگي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن ۽ وڻ لڳائي ٻيلن جي زمين ۾ اضافو ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ حڪومت بلين ٽرين منصوبو شروع ڪيو آهي، وڻڪاري مهم جي انهن قدمن سان يقينن ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي ايندي جڏهن ته ان ويزن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ وڻن جون نرسريون به خاص اهميت جو درجو رکن ٿيون ڇو ته سرسبز پاڪستان جي خواب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ وڻن جي ضرورت هوندي ۽ اهي وڻ اڪثر انهن نرسرين ۾ ئي پيدا ڪيا وڃن ٿا. وڻڪاري مهم ۾ خاص طور تي ڪافي انگ ۾ وڻن جي ضرورت هوندي آهي ۽ نرسرين کانسواءِ وڏي پئماني تي وڻن جي پيداوار ممڪن نٿي ٿي سگهي.
نرسريون سستي ۽ معياري ميويدار، سجاوٽي، گلن وارا وڻ حاصل ڪرڻ ام اهم ذريعو آهن، اهي غيرروايتي زراعت کي به فروغ ڏئي رهيون آهن جيڪو هڪ منافعو ڏيندڙ ڪاروبار آهي. گلن ۽ ٻين سجاوٽي وڻن جي صنعت بنيادي طور تي وڏن شهرن ۾ موجود آهي جن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، لاهور، راولپنڊي، اسلام آباد، ملتان، فيصل آباد، ڪوئيٽا، لاهور جي ويجهو پتوڪي (قصور ضلعو)، سرگوڌا ضلعي ۾ ساهيوال ۽ حيدرآباد ۾ ڀرپاسي جون جايون شامل آهن، پر پنجاب جو شهر پتوڪي ايشين ننڍي کنڊ ۾ نرسري فارمن جو مرڪز آهي جتي اٽڪل 8508 ننڍي پئماني تي ۽ وڏي پئماني تي نرسري فارم موجود آهن. پتوڪي قصور ضلعي جو هڪ شهر آهي جيڪو ”گلن جو شهر“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. لاهور، قصور ۽ پتوڪي جا درجنين ڳوٺ خاص طور تي گلاب جي پوکيءَ ڪن ٿا ۽ هتي سڀ کان وڌيڪ نرسريون موجود آهن ۽ گلن جي پوکيءَ 40 کان 50 سيڪڙو مقامي خاندانن جي آمدني جو بنيادي ذريعو آهي.
لاهور ملتان روڊ تي نرسرين جي 5 ڪلوميٽر بيلٽ تي ٻڌل آهي. انهن نرسرين جو انگ گهٽ ۾ گهٽ 186 آهي. انهن نرسرين ۾ وڻن کي زرعي ماحولياتي حالتن ۾ آڻيندڙ گرمين جي موسم جي وڻن کان وٺي سردي جي موسم ۽ هر قسم جي موسم ۽ نسل جا وڻ تيار ڪيا وڃن ٿا. پتوڪي ۾ هاڻي ان جو دائرو وسيع ٿي ويو آهي ۽ وڻن کي ٻين شهرن سان گڏ ٻين ملڪن جهڙوڪ دبئي ۽ سعودي عرب وغيره ۾ پڻ برآمد ڪيو وڃي ٿو، ان کانسواءِ اعليٰ معيار جا وڻ چين، ملائيشيا، هالينڊ، آمريڪا ۽ ڪجهه يورپي ملڪن مان درآمد پڻ ڪيا وڃن ٿا، پرڏيهي پلانٽ جي به وڏي طلب آهي. پتوڪي مٽيءَ ۾ به هڪ خاص جز سينڊي لوم آهي جيڪو وڻ لڳاڻ جي لاءِ تمام گهڻو موزون آهي. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته نرسرين ۾ پوکجندڙ گل، روايتي ۽ سجاوٽي وڻ نه رڳو خوبصورت لڳن ٿا پر ماحول کي به خوبصورت بڻائين ٿا، ڪيترن ئي وڻن جي ادوياتي اهميت به هوندي آهي، هارٽيڪلچر ٿراپي جي ڪري ڪيترن ئي ملڪن ۾ علاج ڪيو وڃي ٿو، ان سان تمام گهڻيون مهانگيون مصنوعات تيار ڪيون وڃن ٿيون، زمين جي آرائش ۽ ڪٽ فلاورز جو ڪاروبار آبادگار جي آمدني ۾ اضافو ڪري ٿو، ان جا ٻج ۽ گل برآمد ڪري پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو.
وڻن ۽ باغباني سان دلچسپي رکندڙ مقامي صارفين ٻڌايو ته شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ آرائشي ٻوٽن، ميويدار ٻوٽن جي تمام گهڻي طلب آهي پر مقامي طور تي اڪثر نجي نرسريون موجود آهن جيڪي ٻوٽا مهانگي اگهن تي وڪرو ڪن ٿيون ان لاءِ ماڻهن ۾ وڻڪاري جو رجحان وڌيڪ نه آهي، سرڪاري سطح تي ماڻهن جي لاءِ آرائشي وڻن جي ضرورتن ۽ سجاوٽي وڻن جون نرسريون لڳائڻ تي غور نه ڪيو ويو جنهن جي ڪري نجي نرسرين جا مالڪ اهڙن وڻن جي طلب ۾ اضافي جي ڪري وڻن جي وڪري تي تمام گهڻو منافعو ڪمائي رهيا آهن. هڪ خريدار عبدالمعز چيو ته وڻن ۽ گلن سان نه رڳو گهرن جي خوبصورتي ۾ اضافو ٿئي ٿو پر اهي ماحول تي به خوشگوار اثر ڇڏين ٿا. حسن علي چيو ته وڻڪاري سان ايندڙ نسلون سکيون رهنديون. سموگ کان به اسان جي جان آجي ٿي ويندي، موسم جي حدت ۽ آلودگي ۾ گهٽتائي ايندي. هڪ عورت خريدار چيو ته نرسريون شهر ۾ آڪسيجن جون فيڪٽريون سمجهيون وڃن ٿيون ۽ اهي ڦڦڙن وانگر ڪم ڪن ٿيون.
نرسري جي ڪاروبار بابت لاهور جي ڀرپاسي ۾ موجود هڪ مقامي نرسري جي مالڪ توصيف چيما چيو ته حڪومت پاران بلين ٽري منصوبو شروع ڪرڻ کانپوءِ مقامي سطح تي قائم نرسرين ۾ وڻن جي وڪري ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته ماڻهو نه رڳو پنهنجي شوق جي ڪري گهرن ۾ پر وڻڪاري جي لاءِ مختلف پارڪن، روڊ سائيڊز ۽ گهرن ۾ وڻ لڳائي رهيا آهن. نرسري ورڪر مستقيم چيو ته ماڻهن جو وڻ خريد ڪرڻ جو ڪافي رجحان آهي ۽ اهو ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي.
منظور احمد چيو ته نرسرين ۾ وڻن جي وڪري خاص طور تي بهار جي موسم ۾ وڌيڪ ٿي وڃي ٿو. رستن ۽ گهٽين پاڙن ۾ وڻ لڳائڻ گهرجن جنهن سان ماحول بهتر ٿيندو. مقامي آبادگار سيد افضل حسين ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ڪڏهن به باغباني کي منافعو ڏيندڙ صنعت نه سمجهيو ويو آهي، جيڪڏهن ڀرپاسي نظر وجهون ۽ ڏسون ته ان ننڍي ڪاروبار سان ڪيترائي ملڪ پئسو ڪمائي رهيا آهن، احساس ٿيندو ته اهو ڪاروبار ڪيترو منافعو ڏيندڙ آهي. هالينڊ جي معيشت ۾ باغباني جو روانگي واپار هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. مشرق بعيد سميت ٻين ملڪن ۾ وڻن جي برآمدات ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. پر پاڪستان ۾ ان کي انڊسٽري نه ٿو سمجهيو وڃي. هن چيو ته وڻن جي پوکيءَ جي شعبي ۾ جدت آڻڻ ۽ تحقيق جي سخت ضرورت آهي، پتوڪي پاڪستان ۾ گلن جي پوکيءَ جو سڀ کان وڏو مرڪز آهي، اتي گلن کي محفوظ رکڻ جي لاءِ نه ته ڪو تحقيقاتي مرڪز آهي ۽ نه ئي ڪو ڪولڊ اسٽوريج آهي. هن چيو ته گلن جي عمر رڳو ٻه ڪلاڪ آهي جنهن جي ڪري ڪيترائي گل چرپر دوران خراب ٿي وڃن ٿا، ان نقصان کي ڪولڊ اسٽوريج سان روڪي سگهجي ٿو.
ٻيلي کاتي جي عملدارن ٻڌايو ته نرسري پروگرام تحت سجاوٽي وڻن جي وڪري تي نالي ماتر منافعو وصول ڪيو ويندو جنهن جو مقصد عام ماڻهن ۾ آرائشي وڻ لڳائڻ جي رجحان کي فروغ ڏيڻ آهي. سجاوٽي پلانٽ جي نرسري مختلف ضلعن جي سطح تي گهٽ ۾ گهٽ لاڳت سان ٺاهيون ويون آهن. جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ صاف سٿري ماحول جي فروغ ۽ منافعو ڏيندڙ ڪاروبار جي لاءِ ان شعبي تي وڌيڪ زور ناهي ڏنو ويو. جڏهن ته تازو پاڪستان هارٽيڪلچر ڊيولپمينٽ اينڊ ايڪسپورٽ ڪمپني (پي ايڇ ڊي اي سي) ان سلسلي ۾ ڪجهه عملي قدم کنيا آهن. هي ادارو عالمي مارڪيٽ ۾ پاڪستان جي باغباني جي مصنوعات کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ جوڙيو ويو آهي ڇو ته ان شعبي ۾ ملڪي روانگي واپار حوصلي جوڳو نه آهي. ان جي لاءِ حڪومتي ۽ نجي سطح تي گڏجي ڌيان ڏيڻو پوندو، وڻ لڳائيندڙ مواد ۽ سامان تي درآمدي ڊيوٽي ۾ گهٽتائي، ايئر لائينز ۾ ڪارگو جي لاءِ مناسب جڳهه ۽ موزون ڪرايو، وڌ کان وڌ ماڊل نرسريون قائم ڪرڻ، تربيتي مرڪز قائم ڪرڻ، برآمدات جي لاءِ اسٽوريج سميت انفراسٽرڪچر جي سهولتن کي مستحڪم ڪرڻ، نئين منڊين جي ڳولا سميت ڪيترائي قدم کڻڻا پوندا، تڏهن وڃي آلودگي کان پاڪ سرسبز پاڪستان جي منزل حاصل ٿي سگهندي.