بيجنگ-25 سي??ٽم??ر (اي پي پي) مواصلات بابت وفاقي ??زي?? عبدالعليم خان چيو آهي ته سي پيڪ، واپاري راهداريون گرين انرجي ۽ ڪلين ٽيڪنالاجي تي ٻڌل آهن، هاءِ ويز ۽ بندرگاهن کي مستقبل جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي بڻايو ويندو، ٽرانسپورٽ جي شعبي جي ترجيح معاشي بهتري، روزگار جي فراهمي ۽ قومي ترقي جي ايجنڊا کي حوصلو ڏيندڙ آهي. وفاقي ??زي?? چين ۾ گلو??ل ٽرانسپورٽ فورم 2024ع کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان کي شهري آبادي ۾ واڌ ۽ ماحولياتي تباهيءَ جا وڏا چئلينج درپيش آهن، آمدورفت جي ذريعن ۾ بهتري لاءِ شهرين جي تحفظ کي به نظر ۾ رکڻو پوندو، سي پيڪ ۽ چائينا بيلٽ روڊ منصوبن سان پاڪستان ۽ چين ٻئي فائدو ماڻيندا. وفاقي ??زي?? چيو ته پاڪ چائينا اڪنامڪ ڪوريڊور (سي پيڪ) تحت انفراسٽرڪچر ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ بهتر?? آندي پئي وڃي. وفاقي ??زي?? چيو ته سي پيڪ جون واپاري رهداريون گرين انرجي ۽ ڪلين ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ غير مناسب ٽرانسپورٽ سسٽم معاشي دٻاءُ جو سبب آهي، اسان کي هاءِ ويز ۽ بندرگاهن کي مستقبل جي ضرورت موجب بڻائڻو آهي. مواصلاتي نظام ۾ بهتريءَ سان معيشت سميت ثقافت ۽ معاشرت کي هٿي ملندي. هن چيو ته ڪورونا جي وبا کانپوءِ ٻين تبديلين کان علاوه گلوبل لاجسٽڪس پڻ نئون رُخ اختيار ڪري ورتو آهي. هن چيو ته اِي ڪامرس ۽ ڊجيٽل طريقن سان ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ ضم ٿيڻ سان بهتري آئي آهي، گلو??ل ٽرانسپورٽ فورم سان ٽرانسپورٽ جي شعبي کي مُنهن ڏيڻ وارن مسئلن جا نوان حل تلاش ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وفاقي ??زي?? چيو ته پاڪستان مواصلات جي شعبي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ گرين ٽيڪنالاجي جو حامي آهي. هن چين جي ٽرانسپورٽ واري ??زي?? سان خاص ٿورو مڃيو. بيجنگ ۾ ٿيل گلو??ل ٽرانسپورٽ فورم مان نيپال ۽ ٿائلينڊ جي نائب ??زي??اعظم به خطاب ڪيو. فورم ۾ آذربائيجان، ڪمبوڊيا، يونان، ڪينيا، ڪويت، قطر، سنگاپور، تاجڪستان ۽ تنزانيه جي ??زي??ن به شرڪت ڪئي. بعد ۾ چين ۽ پاڪستان کان علاوه ازبڪستان، ويٽنام ۽ ٻين ملڪن جا اعليٰ عملدار به ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا.