اسلا م آباد-11 مئي(اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 13 مئي کان 16 مئي تائين عوامي جمهوريه چين جو چئن ڏي??هن جو دورو ڪندو، جٿي هو چيني پرڏيهي ۽ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي پرڏيهي معاملن واري ڪميشن جنرل آفيس جي ڊائريڪٽر وانگ سي سان پنجين پاڪ چين وزيرڏيهي اسٽريٽجڪ لڳاپن جي گڏيل صدارت ڪندو، پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب ان موقعي تي ڌريون اقتصادي ۽ واپاري س??ڪا??، اعلي سطح جي مٽاسٽا ۽ دوري، چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي اپ گريڊيشن ۽ مستقل رابطن جي قدمن سميت پاڪ چين ٻه طرفا لڳاپن جو جامع جائزو وٺنديون. ٻئي اڳواڻ علائقائي جغرافيائي سياسي منظر نامي ۽ ٻه طرفا س??ڪا?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيني اڳواڻن، سينيئر وزيرن ۽ ڪارپوريٽ شعبي جي اڳواڻن سان پڻ ملاقات ڪندو، نائب وزير اعظم جو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعلي سطح جي مٽاسٽا جو حصو آهي، اهو دورو” آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪو آپريٽو پارٽنر شپ “ کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ، ??نيادي دلچسپي وارن معاملن تي گڏيل س??ڪا?? کي هٿي وٺرائڻ ،سي پيڪ سميت اقتصادي ۽ واپاري س??ڪا?? کي هٿي وٺرائڻ، ??لائقائي امن ۽ ترقي لاءِ هٿي ڏيڻ جي حوالي سان ٻنهي مل??ن جي عزم ۽ ان جي اهميت جي عڪاسي ڪر ي ٿو.