اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيا??ت جا وسيع موقعا موجود آهن، سيا??ت جي فروغ لاءِ وفاق ۽ صوبن کي هم آهنگي سان ڪم ڪرڻ ۽ رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم سان سياحت ب??بت خصوصي صلاحڪار وصي شاهه ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ وسيع پئماني تي سيا??ت جي حوالي سان صلاحيت موجود آهي، جنهن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. سيا??ت جي فروغ لاءِ وفاق ۽ صوبن کي هم آهنگي سان ڪم ڪرڻ ۽ رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي. سيد وصي شاهه نگران وزيراعظم کي وفاقي سطح تي سيا??ت جي فروغ لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني.