لاهور – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان پلاسٽڪ جي آلودگي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پلاسٽڪ جي مرحليوار خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي، ايندڙ نسل?? جي لاءِ صاف سٿرو ماحول فراهم ڪرڻ اسا?? جي بنيادي ذميواري آهي. ماحوليات جي عالمي ڏينه?? جي موقعي ??ي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان پلاسٽڪ جي آلودگي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پلاسٽڪ جي هڪ ڀيرو استعمال کانپوءِ ا?? جي خاتمي لاءِ عالمي برادري جي ڪوششن ۾ شامل ٿيڻ جي حوالي س??ن پنهنجي عزم جي تجديد ڪري ٿو. حڪومت پلاسٽڪ جي آلودگي جي خاتمي لاءِ قانوني طريقيڪار جوڙڻ جي حوالي س??ن قومي ۽ عالمي ڌرين سان فعال طور تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته خوشي جي ڳالهه آهي ته اس??ام آباد ۾ پلاسٽڪ جي استعمال جي منع بابت 2023ع جي ريگيوليشن تي ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ ان ضابطي تحت ٺوس فريم ورڪ ۾ پلاسٽڪ جي استعمال کي مرحليوار ختم ڪرڻ جي لاءِ مدي جو تعين ڪيو ويندو. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن معاشري جا سمورا طبقا حياتياتي تنوع جي تحفظ جي لاءِ گڏ ٿين ۽ ري س??ئيڪلنگ جي قدمن کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ شعور اجاگر ڪن. هن چيو ته ايندڙ نسل?? جي لاءِ صاف سٿرو ماحول فراهم ڪرڻ اسا?? جي بنيادي ذميواري آهي.