ڌاڙيلن جو گلدستو ۽ چورن جو ٽولو جيڪو به ڪرڻ چاهي ٿو ڪري وٺي آئون تيار آهيان: وزيراعظم

image
APP08-080322 RAWALPINDI: March 08 - Prime Minister Imran Khan addressing at the Women's Day ceremony held at Fatima Jinnah Women University Rawalpindi on 8th March. APP

اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڌاڙيلن جو گلدستو ۽ چورن جو ٽولو جيڪو به ڪرڻ چاهي ٿو ڪري وٺي آئون تيار آهيان، ڪپتان جڏهن کيڏندو آهي ته مخالف کي نظر ۾ رکي هن هر شيءَ جي منصوبابندي ڪئي هوندي آهي، 25 سالن کان معاشري جي ڪمزور طبقن جي حقن ۽ انصاف جي لاءِ جهاد ڪري رهيو آهيان الله تعاليٰ مون کي ان ۾ ڪامياب ڪندو، جيستائين زنده آهيان بليڪ ميل ڪندڙن کي اين آر او نه ڏيندس، اسان جي حڪومت عورتن کي ووٽ جي لاءِ نه پر خلوص نيت سان عملي قدمن جي ذريعي بااختيار بڻائڻ جي جدوجهد ڪئي، عورتن کي وراثت جو حق ڏيڻ لاءِ قانونسازي ڪئي آهي جنهن تي عملدرآمد ڪرائڻ سڄي معاشري جي ذميداري آهي، احساس پروگرام تحت هن وقت تائين 500 ارب روپيا ورهايا ويا آهن جنهن مان 98 سيڪڙو رقم عورتن جي ذريعي ڏني وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فاطمه جناح يونيورسٽي ۾ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته جڏهن هن ملڪ جي تاريخ لکي ويندي ته اهو لکيو ويندو ته جنهن حڪومت عورتن کي ووٽ جي لاءِ نه پر دل سان بااختيار بڻائڻ جي جدوجهد ڪئي اها اسان جي حڪومت آهي، الله تعاليٰ انسان کي دنيا ۾ زمين تي انصاف قائم ڪرڻ جي لاءِ موڪليو آهي ۽ ان کي عبادت جو رتبو ڏنو آهي، اسان جي نبي ڪريم ﷺ عورتن کي 1500 سال اڳ وراثت جا حق ڏنا جڏهن ته يورپ ۾ 1920 ۾ عورتن کي حق ملڻ شروع ٿيا ان جي باوجود پاڪستان ۾ عورتن کي پنهنجي حقن کان محروم رکيو ويندو آهي، پوئتي پيل علائقن ۾ کين جائيداد ۾ حصو ڏيڻ جو تصور ئي نه آهي، اها روايت هندستان کان آئي جتي عورتن کي انهن جي مڙس جي مرڻ جي صورت ۾ ان سان گڏ ئي ستي ڪيو ويندو هو. وزيراعظم چيو ته حڪومت عورتن جي وراثتي حقن جي تحفظ لاءِ قانون ٺاهي ڇڏيو آهي هاڻي ان کي لاڳو ڪرڻ سڄي معاشري جي ذميداري آهي، بيورو ڪريسي جو به ان ۾ اهم ڪردار آهي، استادن کي به ان حوالي سان شعور اجاگر ڪرڻو پوندو، هن چيو ته حڪومت طلاق جي صورت ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ به قدم کڻندي، عورتن جي تعليم تي خصوصي ڌيان ڏيڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته سندس ڪاميابي ۾ سندس والده جو اهم ڪردار آهي جنهن تعليم يافته هجڻ جي ڪري سندس تعليم تي ڌيان ڏنو، هن چيو ته احساس پروگرام تحت حڪومت 500 ارب روپيا ورهايا جنهن مان 98 سيڪڙو عورتن جي ذريعي ورهايا ويا، وزيراعظم چيو ته حڪومت جيڪي وظيفا ڏئي رهي آهي ان ۾ ٻارڙين جو حصو وڌيڪ رکيو ويو آهي، ڇوڪرن کي 40 سيڪڙو ۽ ڇوڪرين کي 60 سيڪڙو ڏنو پيو وڃي ڇو ته جيڪڏهن هڪ ٻارڙي پڙهي وڃي ٿي ته سڄو خاندان پڙهي وڃي ٿو، وزيراعظم چيو ته عورتن کي تعليم ڏيڻ کانسواءِ معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي، هن چيو ته نبي ڪريم ﷺ جيڪا مديني جي رياست قائم ڪئي ان جو بنياد قانون جي حڪمراني تي هو، پاڪستان واحد ملڪ آهي جيڪو اسلام جي نالي تي قائم ٿيو. علامه اقبال جو خواب هو ته پاڪستان دنيا جي لاءِ هڪ مثال بڻجي، هن جو چوڻ هو ته مديني جي رياست ۾ طاقتور کي قانون جي ماتحت آندو ويو، جن معاشرن ۾ طاقتور کي ڇڏيو ويندو آهي ۽ ڪمزور چوري ڪري ته ان کي جيل ۾ وڌو ويندو آهي اهو معاشرو ترقي ۽ خوشحالي جي طرف نٿو وڌي سگهي. اسان قانون جي حڪمراني لاءِ جهاد ڪري رهيا آهيون، طاقتور قانون جي هيٺ نٿو اچڻ چاهي ۽ بليڪ ميل ڪندو آهي ته جيڪڏهن مون کي اين آر او نه ڏنو ويو ته آئون حڪومت ڪيرائيندس، آئون جيستائين زنده آهيان انهن جي خلاف جهاد ڪندس ۽ اين آر او نه ڏيندس. وزيراعظم چيو ته طاقتور چوري ڪري لنڊن ۾ محلات خريد ڪري وٺندا آهن ۽ سري عام گهمندا آهن پر ننڍا چور جيلن ۾ وڌا ويندا آهن، جيڪي معاشرا ڪرپشن کي برو نٿا سمجهن اهي زوال جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ ماڻهو محنت ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن، ڇو ته جيڪڏهن چوري ڪري پئسو ڪمائي سگهجي ٿو ته محنت ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته چين ساڍا 4 سئو وزيرن کي ڪرپشن تي جيلن ۾ وڌو ان لاءِ هن ترقي ڪئي، اسان پنهنجي حقن جي جنگ وڙهنداسين. 25 سالن کان ڪمزور طبقن جي حقن ۽ انصاف جي لاءِ جهاد ڪري رهيو اهيان الله مون کي ان ۾ ڪامياب ڪندو. وزيراعظم چيو ته ڌاڙيلن جو گلدسو ۽ چورن جو ٽولو جيتري به ڪوشش ڪري الله مون کي سرخرو ڪندو، آئون انهن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. منهنجو شمار دنيا جي ٽاپ جي ڪپتانن ۾ ٿيندو آهي، ڪپتان جڏهن ميچ کيڏندو آهي ته مخالف جي هر شيءَ جي لاءِ تيار هوندو آهي ۽ هن منصوبابندي ڪري رکي هوندي آهي. تقريب کي گهرو وفاقي وزير شيخ رشيد احمد ۽ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم ۽ قانون ۽ انصاف واري پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري به خطاب ڪيو.

مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون
سلاٹس پر مفت اسپن کو کیسے متحرک کریں۔_سلاٹ بونس گیمز_علامتیں_آٹو پلے سلاٹ گیمز_فون سلاٹ گیمز کے ذریعے ادائیگی کریں۔ سلاٹ گیمز کے ساتھ کیسینو_آن لائن کیسینو سلاٹ مشینیں۔_عملی پلے سلاٹس_آٹو پلے سلاٹ گیمز_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں بہترین فطرت پر مبنی سلاٹس_سلاٹ مشین ایپس_Novomatic Slot Machines_افسانوی مخلوق سلاٹ مشینیں_سلاٹ مشین کے جائزے اور درجہ بندی پاکستان کے لیے ٹاپ اردو سلاٹ ایپس_آٹو پلے کی خصوصیات کے ساتھ بہترین سلاٹس_سب سے بڑے سلاٹ جیک پاٹس_مائیکرو گیمنگ سلاٹس_ویڈیو سلاٹس پر جیتنے کا طریقہ NetEnt Slot Games_iOS آلات پر سلاٹ گیمز کھیلیں_فوری جیت کے ساتھ سلاٹس_بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹ مشین_سلاٹ گیمز اسلام آباد میں مقبول ہیں۔ نیٹلر سلاٹس_پاکستان میں موبائل کے لیے مفت سلاٹ گیمز_پاکستان کے لیے آن لائن سلاٹس_گولیاں کے لیے مفت سلاٹ گیمز_ٹاپ ریٹیڈ سلاٹ ایپس بڑے جیک پاٹس کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_فوری کھیلنے کے اختیارات کے ساتھ سلاٹ گیمز_اردو میں کیسینو سلاٹس_پاکستانی کھلاڑیوں کے لیے آن لائن سلاٹ ٹورنامنٹ_ٹاپ سلاٹ گیم فورمز ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پلےٹیک سلاٹس_سلاٹ مشین_سلاٹ مشین کی ادائیگیوں کو محفوظ بنائیں_آئی فون پر سلاٹ گیمز ہائی لمیٹ سلاٹ مشینیں۔_سمندری ڈاکو سلاٹ مشینیں۔_فوری جیت سلاٹ مشینیں_کیسینو سلاٹ گیمز فیڈ بیک_ایک سے زیادہ بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس