اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر شاهه محمود قريشي چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت قيمتن ۾ گهٽتائيءَ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي، وز??راعظم اقتصادي بهتريءَ لاءِ قدم نه کڻي ها ته سڄو ملڪ ڏيوال??ڻي جو شڪار ٿي وڃي ها، ماضيءَ جا معاهدا قوم ڀوڳي رهي آهي پر اسان چئلينجن جو مقابلو ڪنداسين، جن کي نيب کان ڇوٽڪارو نه ملي سگهيو انهن ٻيو رستو اختيار ??يو، حڪومت معاشي بهتريءَ لاءِ مشڪل فيصلا ڪيا آهن بهتري ۾ وقت لڳندو. وفاقي وز??ر مخدوم سيد فخر امام، حماد اظهر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته قيمتن ۾ استحڪام آڻڻ حڪومت جو فرض آهي. وز??راعظم عمران خان جي حڪومت پنهنجي فرضن کان غافل نه آهي. هڪ طبقو ڊيمانڊ ۽ سپلاءِ ۾ فرق جو ناجائز فائدو کڻي رهيو آهي.