اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت چيو آهي ته 15 سيپٽمبر کان تعليمي ادارا کولڻ جي حوال?? سان تجويزن غور هيٺ آهن تنهن هوندي به ان حوال?? سان حتمي فيصلو 7 سيپٽمبر تي بين ??لصو??ائ?? تعليم وارن وزيرن جي ڪانفرنس ۾ ڪيو ويندو، ڪورونا وبا کان حالتون بهتر ٿيڻ جي صورت ۾ تعليمي ادارا پر??ڻي شيڊول ت?? اچي ويندا، اسڪول کولڻ کانپوءِ ٽيچر ۽ هيڊ ٽيچر جو ڪردار اهم هوندو، لرننگ بهتر ڪرڻ جي لاءِ اسان وٽ بهتر تجويزون اچي رهيون آهن، ڪووڊ – 19 جي صورتحال پهرين ??ي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر آهي، اها بيماري اڃان ختم ناهي ٿي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڃان به موجود آهي، ايس او پيز تي عملدرآمد جي ضرورت آهي، ڪلاسز ج?? سائز کي گهٽ ڪرڻ ضروري آهي، گهٽ قوت مدافعت وارن ٻارن کي پهرين مرحلي ۾ اسڪول نه موڪليو وڃي، سماجي فاصلي، ماسڪ جو استعمال ۽ باقاعدگ?? سان هٿ ڌوتا وڃن، تعليمي ادارا کولڻ سان والدين ۽ استادن جي ذميداري وڌيڪ وڌي ويندي، اهڙن خيالن جو اظهارن تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود ۽ وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان اين ??ي او سي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.