اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) اين سي او سي عوام کي محرم دوران ڪورونا وائرس ايس او پيز جي تعميل کي يقيني بڻائڻ جي اپيل ڪئي آهي، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) عوام کي گذارش ڪئي ته هو محرم ال??رام جي مجلسن ۽ جلوسن دوران ايس او پيز تي عمل کي يقيني بنائين ته جيئن ڪورونا وائرس جي موذي مرض کان بچي سگهجي، اين سي او سي جي اجلاس ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙجڻ، حفاظتي رهنما اصولن سان اسڪولن جي ٻيهر کولڻ ۽ ان بيماري ۾ گه??تائي جي رجحانن جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، فورم وبائي بيماري ۾ گه??تائي کي خوش آئنده قرار ڏنو ۽ ان ڳاله?? تي روشني وڌي ته ان بيماري جي پکيڙجڻ ۾ گه??تائي واقع ٿي آهي.