اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پاڪستان جاپان سان پن??نجي پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي ??ڏي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن ۾ اقتصادي ۽ سماجي شعبن ۾ تعاون ک?? فروغ ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اهڙن خ??ال?? جو اظهار هن جاپان جي سفير ڪنوري مستسود?? سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خ??ال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪستان جاپان سان پن??نجي پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي ??ڏي اهميت ڏي ٿو. ٻنهي ملڪن ۾ اقتصادي ۽ سماجي شعبن ۾ تعاون ک?? فروغ ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. پاڪستان ۾ زراعت، معدنيات، سياحت، ماهيگيري، تعميرات ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وڏا موقعا موجود آهن. موجوده حڪومت پاڪستان ۾ هائوسنگ شعبي ۾ تمام گهڻيون مراعتون ڏئي رهي آهي، ان شعبي ۾ جاپان جي سيڙپڪارن جي لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا آهن.