اسلام آباد ??? 06 جون (??ي پي پي) وفاقي حڪومت ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ استعمال ٿيندڙ حفاظتي سامان (پرسنيل پروٽيڪشن ايڪووپمينٽ يعني ??ي ??ي ايز) جي صحيح استعمال لاءِ ملڪ ۾ هيلٿ ورڪرز جي آن لائين تربيت جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالها??ين??ي چيو ته تربيتي پروگرام جي شروعات وفاقي گادي واري شهر مان ڪئي پئي وڃي.