اسلام آباد – 16 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ وزيراعظم جي احتساب واري خاص معاون شهزاد اڪبر چيو آهي ته هڪ طرف ڪورونا وائرس کي منهن ڏئي رهيا آهيون ۽ ٻئي طرف ڪ??پش?? سان وڙهي رهيا آهيون، ڇا ڪ??پش?? جي خلاف جنگ کي اڳتي وڌائڻ نااهلي آهي؟ ڇا غريب عوام جو ??يال رکڻ ۽ انهن کي رليف ڏيڻ نااهلي آهي؟ ڪنهن کي اين آر او نه ملندو، شهباز شريف لنڊن ڀڄ?? وڃڻ بدران عدالت کي ۽ عوام کي پنهنجي ڪ??پش?? تي جواب ڏي، ڪڪس بيڪس جا 16 ڪروڙ ش??باز شريف جي اڪائونٽ ۾ جمع ٿيڻ جي پوري ٽريل موجود آهي، شهباز شريف جي خلاف نيب ريفرنس حتمي مرحلن ۾ آهي، ان ڪيس جي روزاني جي بنيا?? تي ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هنن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.