اسلام آباد – 16 اپريل (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام بابت عوام کي موثر آگاهي ڏني وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ مستحق ان پروگرام ??ان فائدو کڻي سگهن. اها هدايت هن سماجي تحفظ واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر سان ڳالهائيندي ڪ??ي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پي ٽي آءِ جو اڳواڻ سينيٽر فيصل جاويد پڻ موجود هو. ملاق??ت ۾ ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ۽ عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ احساس تحت ٻين پروگرامن جي اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي.