ڪوئيٽا – 09 اپريل (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا ??المي وبا آهي ۽ ان سان پورو ملڪ متاثر ٿيو آهي، بلوچستان ۾ غربت وڌيڪ آهي، ان لاءِ ڪورونا ??بب صوبي جي عوام جا مسئلا وڌي ويا آهن، اسان ملڪي تاريخ ۾ سڀ کا?? وڏي رليف پيڪيج جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، سمورن صوبن ۽ آزاد ڪشمير حڪومت سان مشاورت سان 14 اپريل کا?? لاڪ ڊائون ۾ نرمي جي حوالي سان ڪو فيصلو ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان بلوچستان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال ۽ وفاقي وزير اسد ع??ر به ساڻس گڏ هئا.