اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان قائداعظم جي ويزن جي عملي تصوير بڻجي رهيو آهي، ڪرتار پور لنگهه بين ا??مذاهب هم آهنگي جي روشن مثال ۽ پاڪستان جي امن جو پيامبر هجڻ جو ثبوت آهي. سيڪولرازم جي نالي تي بڻجندڙ ڀارت اڄ تعصب ۽ نفرت جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي، گ??نڌ?? ۽ نهرو جو هندستان بدلجندو نظر اچي ٿ?? ۽ ???هندوتواستان“ ۾ اقليتن جي بدترين تشدد، ڏاڍ ۽ ستم جو نشانو بڻايو پي?? وڃي.