اسلام آباد – 29 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي ??عاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پارٽي ترجم??نن جو اجلاس ٿيو اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته هو عدليه جي فيصلي جي احترام ڪ?? ٿا، پاڪستان تحريڪ انصاف جي پهرين ڏينهن کان سياست جو مقصد انصاف جو علم بلند ڪرڻ هو ۽ قانون جي حڪمراني رهيو آهي، پنهنجي ٽوئ??ٽ ۾ وزيراعظم جي خصوصي ??عاون چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف اها پهرين پارٽي آهي جنهن اڄ کان 23 سال اڳ قانون جي حڪمراني ۽ عدليه جي آزادي جو علم بلند ڪيو هو ۽ جڏهن عدليه جي آزادي جو مرحلو آيو ته هن جيل وڃڻ ته گوارا ڪيو پر پنهنجي اصولي موقف کان پوئتي نه هٽيو.