اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري سان پاڪستان ۾ تر??يه جي سفير مهمت پڪاچي پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ تر??يه جي وچ ۾ تاريخي گهرا ڀائراڻا عوامي لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ هر مشڪل گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرد??ري چيو ته پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران تر??يه پاران معاونت ساراهه جوڳي آهي. تر??يه جي سفير زلزلي دوران پاڪستان پاران بهترين تعاون تي ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ تر??يه جي وچ ۾ ٻطرفن ۽ گهڻ رخي فورمز ۾ تعاون جي لاءِ عزم جو اظهار ڪيو ويو جڏهن ته ٻنهي ملڪن واپار، سيڙپڪاري، دفاع، علائقائي تعاون، تعليم ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي حوالي سان گڏجي ڪم ج??ري رکڻ تي اتفاق ڪيو.