اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) بيگم ثمينه علوي عورتن تي زور ڏنو آهي ته اهي معيشت جي مستقبل جي طور تي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي اهميت کي نظر ۾ رکندي ان شعبي ۾ پنهنجي ل??ءِ موقعا ڳولين، آءِ ٽي ۾ مهارت پاڪستان جي ل??ءِ پنهنجي معيشت کي بهتر بڻائڻ ۽ روانگي واپار کي وڌائڻ جي ڪوششن ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. پي اي ايف بيس نور خان ۾ عورتن بابت فض??ئي?? بلقيس ڪاليج آف ايجوڪيشن جي 30 هين ڪانووڪيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي هن ??يو ته ملڪ جي يونيورسٽين کي سائبر سيڪيورٽي، آرٽيفيشل انٽيلي جنس، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ۽ ڊيٽا ايناليٽڪس تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ڇو ته دنيا کي انهن شعبن ۾ هنرمند پيشيور ماڻهن جي ضرورت آهي. بيگم ثمينه علوي ??يو ته وڌ کان وڌ ڪمپنين، ڪاروبارن، حڪومتن ۽ نجي ادارن پنهنجي روزاني جي معمولات ۾ آءِ ٽي ٽولز کي اختيار ڪيو آهي ۽ مستقبل ۾ اڃا به وڌيڪ ڪمپنيون ڊيجيٽل ذريعن طرف وڌنديون. هن ??يو ته آءِ ٽي ۾ مهارت پاڪستان جي ل??ءِ پنهنجي معيشت کي بهتر بڻائڻ ۽ روانگي واپار کي وڌائڻ جي ل??ءِ جدوجهد ۾ هڪ سنهري موقعو ثابت ٿي سگهي ٿي. هن ??يو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري نوجوانن ۽ خاص طور تي عورتن کي لاڳاپيل مهارتن سان ليس ڪري ملڪ پنهنجي روانگي واپار جي ڪاٿي کي وڌائي سگهي ٿو ۽ مالي مسئلن مان نڪري سگهي ٿو. ان موقعي تي گريجوئيٽس ??ي مبارڪباد ڏيندي هن ??يو ته تعليم حاصل ڪرڻ ۾ انهن جو سفر ختم ناهي ٿيو پر تجربن سان سکڻ جو هڪ جاري عمل آهي. هن عورتن ??ي ملڪ جو هڪ اهم حصو قرار ڏنو ۽ انهن تي زور ڏنو ته اهي علم کي عملي زندگي ۾ پنهنجي بهترين صلاحيتن موجب استعمال ڪن، عورتون پنهنجي علم ۾ اضافو ڪن، پنهنجي پيشي ۾ مهارت حاصل ڪن ۽ ان ??ي معاشري جي بهتري جي ل??ءِ استعمال ۾ آڻين. هن فض??ئي?? بلقيس ڪاليج آف ايجوڪيشن فار وومين کي ساراهيو، جيڪو هڪ منفرد غيرمنافعي بخش اداري طور عورتن کي اعليٰ معيار جي تعليم فراهم ڪري رهيو آهي. هن عورتن ۾ تعليم جي فروغ ۾ تعاون تي پاڪستان ايئرفورس وومينز ايسو??يئ??شن جي صدر کي پڻ ساراهيو. بيگم ثمينه علوي شاگردن ۾ ميڊل ورهايا جڏهن ته وائيس چانسلر ايئر يونيورسٽي ايئر مارشل جاويد احمد گريجوئيٽس کي ڊگريون ڏنيون. ڪاليج جي پرنسپل عائشه خرم ??يو ته ايئر يونيورسٽي جي تعاون سان 16 ريسرچ پبليڪيشنز شروع ڪئي وئي آهي. هن ??يو ته ادارو عورتن ??ي مختلف شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ مدد ڪرڻ جي ل??ءِ انٽر پرينيورشپ جي فروغ ۽ مختصر ڪورسز تي پڻ ڌيان ڏي ٿو.