اسلام آباد – 08 – ??ارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشري ۾ عورتن جي شاندار ڪردار ??ي انهن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته انساني حقن ۽ ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان سرگرم ڪارڪن عائشه صديقه جهڙيُون نوجوان پاڪستاني ڇوڪريون ملڪ جي روشن مستقبل جي لاءِ اميد جو ڪرڻو آهن. عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقع?? تي پنه??جي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته عائشه صديقه پنه??جي صلاحيتن جي ذريعي دنيا کي هڪ بهتر جڳهه بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پنه??جي جدوجهد جي ذريعي معاشري ۾ متحرڪ ۽ فعال ڪردار ??دا ڪندڙ عورتون اميد جو ڪرڻو ۽ روشن مستقبل جي نويد آهن. واضح رهي ته 24 سالا عائشه صديقه جي خدمتن جي اعتراف ۾ ٽائيم ميگزين کيس ”هلندڙ سال جي عورت“ قرار ڏنو آهي.