اسلام آباد – 06 – مارچ (ا?? پي پي) پر??يهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر س??ن جرمن مملڪتي وزير توبياس لينڊر ملاقات ڪئي. پر??يهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ جرمني جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ تازي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي واپار، سيڙپڪاري، تعليم، پيشيواراڻي تربيت، قابل تجديد توانائي سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ عوامي سطح تي رابطن کي فروغ ڏي?? تي زور ڏنو ويو.