اسلام آباد– 26 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر 30 جنوري تي جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل ۾ پا??ستاني وفد جي قيادت ڪندي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ دوران ٻڌائي. هن چيو ته مملڪتي وزير انساني حقن واري ڪائونسل ۾ يونيورسل پيرياڊڪ ريويو جي عمل تحت پا??ستان جي قومي ترقي ج?? رپورٽ پيش ڪندي. اهو پا??ستان جو چوٿون جائزو هوندو، ان کان اڳ 2008ع، 2012ع ۽ 2017ع ۾ ان عمل تحت پا??ستان جو جائزو ورتو ويو آهي. ترجمان چيو ته مملڪتي وزير پنهنجي پريزينٽيشن ۾ پا??ستان پاران گذريل 5 سالن ۾ انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪيل قانوني، پاليسي، انتظامي ۽ اداراجاتي قدمن جو خاڪو پيش ڪندي. ان کانسواءِ هوءَ عالمي انساني حقن جي حوالي سان پا??ستان جي اهم حصيداري کي به اجاگر ڪندي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته يونيورسل پيرياڊڪ ريويو 2007ع ۾ قائم ڪيو ويو جيڪو انساني حقن واري ڪائونسل جو هڪ اهم طريقيڪار آهي جنهن تحت گڏيل قومن جي سڀني ميمبر ملڪن جي انساني حقن جي رڪارڊ جو هر چئن کان پنجن سالن کانپوءِ جائزو ورتو وڃي ٿو.