??سل??م آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪابل ۾ پاڪس??ان?? مشن جي سربراهه تي قاتلاڻي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ان ڪڌي فعل جي فوري جاچ ڪئي وڃي ۽ ذميوارن جي خل??ف ڪارروائي ڪئي وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو ڪابل ۾ پاڪستان جي مشن جي سربراهه تي قاتلاڻي حملي جي سخت مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته بهادر سيڪيورٽي گارڊ کي سلام جنهن سندس جان بچائڻ جي لاءِ ??ولي کاڌي. هن سيڪيورٽي گارڊ جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم مطالبو ڪيو ته ان ڪڌي عمل جي فوري جاچ ڪري ذميوارن جي خل??ف ڪارروائي ڪئي وڃي.