اسلام آ??اد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪن مان امدادي ??ڏامن جي آمد جاري آهي، هيستائين 123 اڏامون متاثرين جي لاءِ امدادي ??امان کڻي پهچي ويون آهن. پرڏيهي آفيس پاران جاري انگن اکرن موجب ٻوڏ متاثرين جي لاءِ هيستائين گڏيل عرب امارات مان 41، ترڪيه مان 13، چين مان 4، ازبڪستان مان هڪ، قطر مان 4، فرانس مان هڪ، يونيسيف جون 3، گڏيل قومن جي پن??هگيرن واري اداري (يو اين ايڇ سي آر) جي گڏيل عرب امارات مان هلائڻ واريون 13 اڏامون، ترڪمانستان مان هڪ، اردن جي هڪ، خوراڪ جي عالمي اداري جون 3، آمريڪا جون 21، برطانيا جي هڪ، نيپال جي هڪ، عمان جون 8، روس جي هڪ، يونان جي هڪ ۽ سعودي ??رب جون 5 اڏامون امدادي ??امان کڻي پاڪستان پهتيون آهن. ان کانسواءِ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪن مان ٻين رستين ذريعي به امدادي ??امان پهتو آهي. ايران جي حلال احمر پاڪستان کي ٽرڪن ذريعي 100 ٽن امدادي ??امان موڪليو آهي، جڏهن ته ان کانسواءِ ترڪيه 3 ريل گاڏين جي ذريعي امدادي ??امان پاڪستان موڪليو آهي. ان کانسواءِ ترڪيه جي حلال احمر 2 ٽرڪن ذريعي امدادي ??امان موڪليو آهي. تاجڪستان 87 ٽرڪن ذريعي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي ??امان موڪليو آهي. عمان مان ٻوڏ متاثرين جي لاءِ هڪ سامونڊي جهاز به امدادي ??امان کڻي پاڪستان پهتو آهي.