نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري نيويارڪ ۾ گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي سي او پي 27 جي گول ميز ڪانفرنس ?? شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي ??زير چيو ته موسمياتي تبديلي سمورين قومن ۽ ماڻه?? جي لاءِ هڪ سنگين خطرو آهي، ان جا اثر واضح ۽ شديد ٿيندا پيا وڃن جنهن جو اظ??ار پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ مان ٿئي ٿو. هن چيو ته عالمي سطح تي گرين هائوس گئس?? جي اخراج ۾ گهٽ کان گهٽ حصي جي باوجود پاڪستان کي گرمي جي لهرن، برطانوي طوفان، سوڪهڙي، طوفاني برساتن ۽ شديد چوماسي جي صورت ۾ قدرتي آفتون درپيش آهن جنه?? جي نتيجي ۾ پاڪستان کي انساني جاني?? جي زيان کانسواءِ معاشي نقصان درپيش آهي. پرڏيهي ??زير پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو ذڪر ڪندي چيو ته ان سان جاني ۽ معيشت کي نقصانن سان گڏوگڏ اهم انفراسٽرڪچر کي وڏي پئماني تي نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته معيشت کي 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي. پرڏيهي ??زير هلندڙ مهيني جي شروع ۾ پاڪستان سان يڪجهتي جي اظ??ار لاءِ گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل جي پاڪستا?? جي دوري تي سندس ٿورا مڃيا ?? مختلف ملڪ?? جي اڳواڻن پاران ملاقات دوران اظ??ار ڪيل جذبن کي ساراهيو.