اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي امداد جي وصولي ۽ ورڇ جي لاءِ شفاف نظام قائم ڪرڻ جي ض??ور?? تي زور ڏنو آهي ته جيئن ٻوڏ سٽيل آبادي کي منصفاڻي، موثر ۽ تصديق جوڳي طريقي سان فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. نوابشاهه ۽ دادو، سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرين جي ريليف ڪئمپ جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي صدر چيو ته شايد هي سڀ وڌيڪ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ آهي جنهن کي ??نڌ منهن ڏنو ۽ ان جي نتيجي ۾ قيمتي جانين، چوپائي مال، ماڻهن جي روزگار جي ذريعن ۽ اهم انفراسٽرڪچر کي ??ديد نقصان پهتو آهي. هن ٻوڏ جي پاڻي کي ??ستعمال ۾ آڻڻ ۽ بنيادي ڍانچي جي تباهي، چوپائي مال جي نقصان کي ??وڪڻ جي لاءِ مناسب جاين تي ڊيمن ۽ پاڻي جي ذخيرن جي تعمير تي زور ڏنو. صدر چيو ته وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومتون، انهن جا ادارا، عالمي ??را??ري، اين جي اوز ۽ پاڪستان ۾ سرندي وارا ماڻهو ترجيحي بنيادن تي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن کي ??يسڪيو ۽ ريليف جون خدمتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ بهترين ڪم ڪري رهيا آهن، بي آءِ ايس پي پروگرام ذريعي ٻوڏ متاثرين جي مالي مدد ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ٻوڏ کان متاثر علاقا ايترا وڏا آهن ۽ ٻوڏ سٽيلن جو انگ ايترو وڌيڪ آهي جو ٻوڏ متاثرين کي گلوبل وارمنگ جي ??ري وڏي پئماني ي ٿيندڙ تباهي کان بچائڻ جي لاءِ امدادي سرگرميون ڊگهي عرصي تائين جاري رکڻيون پونديون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان جي معيشت جيڪا اڳ ۾ ڪوويڊ 19 بابت لاڪ ڊائون جو شڪار ٿي، بعد ۾ روس – يوڪرين جنگ جي نتيجي ۾ سپلائي چين ۾ خلل ۽ هاڻي ٻوڏ جي صورت ۾ هڪ تمام وڏي قدرتي آفت سان شديد متاثر ٿي آهي. هن چيو ته ٻوڏ گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلين جي ??ري آئي آهي ۽ گلوبل وارمنگ کي وڌائڻ ۾ پاڪستان جو حصو تمام گهٽ آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ترقي يافته دنيا گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلين ۾ وڏي حصيدار هجڻ جي ناطي ٻوڏ کان متاثرين کي ??يسڪيو ۽ ريليف فراهم ڪرڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪري ۽ ٻوڏ سٽيلن جي بحالي ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. صدر معاشري جي صاحب حيثيت ماڻهن کي ??ه اپيل ڪئي ته اهي اڳتي اچن ۽ پنهنجي ??ائرن ۽ ڀينرن خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن جي مدد ڪن جيڪي پنهنجي ??ت ۽ روزگار جي ذريعي کان محروم ٿي چڪا آهن ۽ انهن مشڪل حالتن ۾ انهن کي مدد جي سخت ض??ور?? آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ آبادگار دوست فصل جي انشورنس سسٽم کي متعارف ڪرائڻ جي ض??ور?? آهي ته جيئن آبادگارن ??ي فصل جي نقصانن ۽ آفت سان فصل جي تباهي کان بچائي سگهجي. صدر ان موقعي تي پنجاب حڪومت جي تعاون سان نوابشاهه ۽ دادو جي لاءِ 5، 5 ڪروڙ جي مالي امداد جو پڻ اعلان ڪيو. هن ريليف ڪئمپن جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ متاثرين کان انهن کي ڏني ويندڙ امداد بابت معلوم ڪيو. مقامي انتظاميا صدر کي ??لائقي ۾ ٻوڏ جي تباهين بابت بريف ڪيو. صدر نوابشاهه، دادو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي ٻوڏ کان متاثر علائقن جو فضائي جائزو پڻ ورتو. هن بيٺل ٻوڏ واري پاڻي ۽ پاڻي هيٺ فصل، گهرن ۽ انفراسٽرڪچر جي صورتحال تي پنهنجي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ٻوڏ واري پاڻي کي ڪڍڻ جي لاءِ مختلف کاتن جي وچ ۾ تمام گهڻي محنت ۽ هم آهنگي جي ض??ور?? هوندي جيڪا ان کانپوءِ حڪومت کي ??نهن علائقن ۾ بحالي جو مرحلو شروع ڪرڻ جي قابل بڻائيندي. هن لاڳاپيل عملدارن ??ي چيو ته اهي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ خصوصي طور تي عورتن، بزرگن ۽ ٻارن جي حفاظت ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائين.