اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش جي ٻوڏ متاثرن جي مثالي حمايت تي ٿورو مڃيندي چيو آهي ته هو ٻوڏ متاثرن جي ڏکن جو آواز بڻجي ويو آهن. پاڪس??ان کي ان چيلنج کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سهڪار جي ضرورت آهي. پنهنجي ٽوئٽ ۾ هن چيو ته سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش ط??فا?? ٻوڏ متاثرنجي مثالي حمايت تي سندس ٿورو مڃيون ٿا، سندس ٻ?? ڏينهن وارو اهو دورو ان انساني سانحي بابت سڄي دنيا ۾ آگاهي ڦهلائڻ لاءِ نهايت اهم رهيو. سندس همدردي ۽ قائداڻين خصوصيتن مونکي متاثر ڪيو. پاڪس??ان کي ان چيلنج کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سهڪار جي ضرورت آهي. هن چيو ته شديد گرمي ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۽ امدادي ڪيمپس جي دوري دوران گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل پاڪس??ان ۾ ٻوڏ جون تباهيون ڏسي حيران رهجي ويو. هو ٻوڏ متاثر جي ڏکن جو آواز بڻجي ويو آهي. دنيا کي موسمياتي تبديلي جي ح??ال?? سان سندس ڳالهه ٻولهه تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.