اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته يتيم ٻارن جي مٿان شفقت جو هٿ رکڻ اه?? ذميواري ۽ خدمت آهي، حڪومت سوئيٽ هومز جي ٻارن جي بهتري ۽ ترقي جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻندي، يتيم ٻارن جي ڪفالت ۽ تعليم ۽ تربيت جو فرض کڻي زمرد خان ۽ ان جا ساٿي هڪ عظيم ڪم ڪري ر??يا آهن، وزيراعظم سوئيٽ هومز جي ٻارن جي لاءِ بسن جو تحفو ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو. وزيراعظم آزادي ڏهاڙي جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي پاڪستان سوئيٽ هومز جو دورو ڪيو ۽ جشن آزادي جي حوالي سان تقريب ۾ شرڪت ڪئي. سوئيٽ هومز جي ٻارن پاران وزيراعظم جي اچڻ تي سندس شاندار آجيان ڪئي وئي. سوئيٽ هومز جي خاڪي ورديءَ پهريل ٻارن مارچ پاسٽ ڪيو ۽ وزيراعظم کي سلامي ڏني. ان موقعي تي وزيراعظم سان گڏ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سرپرست اعليٰ پاڪستان سوئيٽ هومز زمرد خان، وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، حنيف عباسي، انجم عقيل، چوڌري ياسين پڻ موجود هئا. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ پوري قوم آزادي جو ڏهاڙو ملهائي ر??ي آهي ۽ اها آزادي جي ڏهاڙي جي 75 هين سالگرهه آهي جيڪا پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پاڪستاني ملهائي ر??يا آهن، پاڪستان سوئيٽ هومز ۾ قوم جي پياري ٻارن سان ملي تمام گهڻي خوشي ٿي ر??ي آهي، اه?? صدقه جاريه آهي، زمرد خان ۽ سندس ساٿين اها عظيم ذميواري سنڀالي آهي. اهڙا ٻار جيڪي والدين جي ڇانوَ کان محروم آهن انهن جي مٿان شفقت جو هٿ رکندڙ دين ۽ دنيا ٻئي ڪمائي ر??يا آهن، ان جو الله انهن کي اجر ڏيندو، اه?? هڪ قومي خدمت جو فرض سرانجام ڏئي ر??يا آهن. سوين بي سهارا ٻارن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪري ر??يا آهن، انهن جي لاءِ مفت تعليم، رهائش ۽ کاڌي جو اهتمام ڪيو ويو آهي. انهن کي ج??يد علوم سان آراسته ڪري ر??يا آهن ان کان وڏي ڪا قومي خدمت نه ٿي ٿي سگهي. هن چيو ته اه?? ٻار جن کان انهن بابت هينئر معلوم ڪيو، انهن جا والدين فوت ٿي چڪا اه?? ۽ انهن جي خاندانن جي لاءِ ڪافي معآشي مشڪلاتون آهن، زمرد خان کي اه?? پنهنجو پاپا جاني چوندا آهن، هي حقيقي معنيٰ ۾ هڪ پيءُ ۽ استاد جو رول ادا ڪري ر??يو آهي ۽ انهن جي مٿان هٿ رکي ر??يو آهي، ان کان وڏي ڪا انساني خدمت نه ٿي ٿي سگهي. هن زمرد خان کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته قران ڪريم ۾ يتيمن سان شفقت سان پيش اچڻ جو حڪم آهي ۽ انهن جي مال ۾ ذرو به ملاوٽ نه هجڻ ڏيڻ جو حڪم آهي، ٻاروتڻ ۾ انهن جي مال جي حفاظت ۽ وڏي ٿيڻ تي انهن جي اها امانت انهن جي حوالي ڪرڻ جو حڪم آهي. هن چيو ته قرآن ڪريم ۾ جڳهه جڳهه تي يتيمن بابت رحمدلي جو حڪم آيو آهي. سوئيٽ هومز ۾ ان جي عملي تصوير ڏٺي آهي. هن چيو ته انهن يتيم ٻارن سان هي جشن آزادي ملهائي ر??يا آهيون جيڪي سڄي ملڪ مان هڪ گلدستي جي شڪل ۾ هتي موجود آهن. هن چيو ته ٻارن جشن آزادي جي حوالي سان جذباتي ۽ شاندار تقريرون ڪيون آهن، ان تي انهن جي استادن کي به خراج تحسين ۽ سلام پيش ڪريون ٿا. جيڪي استاد انهن کي تعليم ڏئي ر??يا آهن انهن جي قابليت ۽ محنت جي جهلڪ انهن ٻارن جي تقريرن ۾ نظر آئي. الله پاڪ انهن ٻارن کي وڏو عظيم پاڪستاني بڻائي، توهان پاڪستان جا عظيم فرزند ۽ ڌيئرون آهيو. هن زمرد خان کي دعوت ڏني ته هو ٻڌائي ته حڪومت سندس ڪهڙي خدمت ڪري سگهي ٿي. ان جي جائز ضرورتن ۾ پاڪستان حڪومت ان جو پوري طرح ساٿ ڏيندي، انهن ٻارن کي بهترين سهولتن جي فراهمي لاءِ هر وقت حاضر آهيون. زمرد خان پاران ٻارن جي لاءِ ٽرانسپورٽ جو مسئلو اٿارڻ تي وزيراعظم سوئيٽ هومز جي ٻارن لاءِ بسن جو تحفو ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته ان عظيم درسگاهه کي سگهه ڏيڻ جي لا??ِ جيڪا خدمت گهربل هوندي ڪنداسين. وزيراعظم ان موقعي تي پاڪستان ۽ قائداعظم زندهه آباد جا نعرا پن لڳرايا. جنهن جو ٻارن ڀرپور جواب ڏنو. هن ان موقعي تي ٻارن سان گڏ جشن آزادي جو ڪيڪ ڪاٽيو ۽ انهن ٻارن کي ڪيڪ به کارايو. وزيراعظم ٻارن سان گهلي ملي ويو ۽ انهن سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي.