لاهور – 05 – آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ڪشمير استحص??ل ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ ج?? لاءِ ڪشمير مسئلي جي حل لازمي آهي. والاريل ڪشمير ۾ امن قائم ڪرڻ ج?? لاء?? ضروري آهي ته آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ان جي اصل صورت ۾ بحال ڪيو وڃي. ڪشمير مسئلي تي پوري پاڪستاني قوم متحد آهي ۽ پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. پاڪستان پارلياماني سفارتڪاري جي ذريعي سم??رن عالمي ۽ علائقائي فورمن تي ڪشميرين جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ وڙهي رهيو آهي. اسپيڪر گڏيل قومن تي زور ڏنو ته هو ڪشمير مسئلي تي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي ۽ ڀارت تي والاريل ڪشمير ۾ طاقت جي استعمال کي بند ڪرڻ ج?? لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ تي ڀارت پاران عمر قيد جي سزا ٻڌائڻ ۽ ان تي ڪيل ظلمن جي سختي سان مذمت ڪئي ۽ عالمي انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته اهي ياسين ملڪ سم??ت ڀارتي جيلن ۾ قيد سم??رن حريت اڳواڻن جي آزادي ج?? لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.