ڪراچي – 20 – مئي (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ڪراچي شپ يارڊ ۾ ملجم ڪلاس جهاز پي اين ايس بدر لانچ ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ڪراچي شپ يارڊ اينڊ انجنيئرنگ ورڪس ۾ خصوصي تقريب جو انعقاد ڪيو ويو. تقريب ۾ وزير??عظ?? محمد شهباز شريف خصوصي مهمان طور شرڪت ڪئي. ترڪي جو دفاع وارو وزير هولوسي آقار، پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ۽ ٻين اهم شخصيتن به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. جهاز ترڪي جي ايم ايس سفات جي تعاون سان ڪراچي شپ يارڊ ۾ تيار ڪيو ويو آهي. دفاعي پيداوار واري وزارت ۽ ترڪي جي معاهدي جي تحت ٻه ڪارويٽس جهازن جي تعمير ڪئي وئي آهي، ٻه ڪارويٽس جهازن جي تعمير پاڪستان ۽ ٻن جي تعمير ترڪي ۾ ڪئي پئي وڃي، ان طرز جي پهرين بحري جاز جي لانچنگ گذريل سال ??گسٽ ۾ ترڪي ۾ ٿي هئي، ٻيا ٻه جهاز مڪمل ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهن ۽ اهي جديد هٿيارن ۽ سينسرز سان ليس هوندا. تقريب ۾ پاڪ بحريه جي سربراهه ٽئين ملجم ڪلاس ڪارويٽ جهاز پي اين ايس بدر جو ماڊل وزير??عظ?? کي پيش ڪيو، ياد رهي ته وزير??عظ?? محمد شهباز شريف جمعي تي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو هو.