اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير حسي?? امير عبداللهيان پرڏيهي وزير بلاو?? ڀٽو زرداري سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاو?? ڀٽو زرداري ايراني هم منصب سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ گهرا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پرڏيهي وزير ڪشمير مسئلي تي ايران جي مسلسل حمايت ۽ فلسطين سان يڪجهتي جي اظهار تي ايراني پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪيو. ايراني پرڏيهي وزير، پرڏيهي وزير بلاو?? ڀٽو زرداري کي ايران جي دوري جي دعوت ڏني، پرڏيهي وزير بلاو?? ڀٽو زرداري ايراني هم منصب جو ٿورو ادا ڪندي کيس پاڪستان جي دوري لاءِ دعوت ڏني.