اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب احساس پروگرام ۽ پناهگاهون بند ڪرڻ جي خبرن کي ڪوڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته شهباز شريف وز??را??ظم چونڊجڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ پهرين خطاب ۾ واضح ڪيو هو ته عوامي خدمت جا منصوبا جاري رهندا. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام نه رڳو جاري رهندو پر ان کي وڌيڪ توسيع ڏني وي??دي، وز??را??ظم شهباز شريف بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ٻارن ۽ ٻارڙين جي تعليم جو ذريعو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ??و پروگرام بند ناهي ٿيو، عوام جي ڀلائي جي هر منصوبي کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسين، هن چيو ته اڳوڻي وز??را??ظم نواز شريف جو شروع ڪيل صحت ڪارڊ ائين ئي هلندو رهندو، ان کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسين، اهڙا ڪوڙ اهي پکيڙي رهيا آهن جن کي وز??را??ظم جي ڪرسيءَ ۽ ڪنٽينر تي ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت آهي. مريم اورنگزيب چيو ته ميڊيا کي به گذارش آهي ته اها اهڙي بي بنيادن اطلاعن کي جڳهه ڏيڻ کان پاسو ڪري، الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته اڄ م??ڪ ۾ هڪ چونڊيل وز??را??ظم آهي جيڪو عوام جو ڏک درد ۽ احساس رکي ٿو، اڄ م??ڪ ۾ اهڙو وز??را??ظم آهي جيڪو عوام جي لاءِ فراخدلي ۽ ان جي خدمت جو جذبو رکي ٿو، اڄ م??ڪ ۾ اهڙو چونڊيل وز??را??ظم آهي جيڪو عوامي ۽ قومي س??امتي جي ايشوز کي پنهنجي س??است جي لاءِ استعمال نه ٿو ڪري.