اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) محمد شهباز شريف ملڪ جي نئين وزيراعظم جي حيثي?? سان حلف کڻي ورتو، نئين چونڊيل وزيراعظم جي حلف برداري جي پروقار تقريب ايوان صدر ۾ ٿي، وقتي صدر، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي محمد شهباز شريف کان وزارت عظميٰ جي عهدي جو حلف ورتو. حلف برداري جي تقريب ۾ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن، سياسي اڳواڻن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ان کان اڳ قوم?? اسيمبلي ڪالهه سومر ڏينهن ئي محمد شهباز شريف جي 174 ووٽن سان ملڪ جي نئين وزيراعظم جي حيثي?? سان چونڊ ڪئي هئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ن) جو صدر آهي ۽ پاڪستان جو ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ محمد نواز شريف جو ننڍو ڀاءُ آهي. شهباز شريف ڪاروباري خاندان سان تعلق رکي ٿو. هن گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان گريجوئيشن ڪئي. عملي سياست ۾ سندس ڪيريئر تمام شاندار اهي، جيڪو چار ڏهاڪن تي ٻڌل آهي، سندس عوامي خدمتن جو ڪيريئر 1985ع ۾ بطور صدر لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري کان شروع ٿيو. پنهنجي وڏي ڀاءُ نواز شريف جي پيروي ڪندي عملي سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. پهريون ڀيرو 1988ع ۾ ??نج??ب اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو، ان اسيمبلي کي مدو پورو ٿيڻ کان اڳ ئي 1990ع ۾ تحليل ڪيو ويو. 93 – 1990?? دوران قوم?? اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو، 1993ع ۾ ??نج??ب اسيمبلي جو ميمبر بڻيو ۽ 1996ع تائين مخالف ڌر اڳواڻ رهيو. 1997ع ۾ ٽيون ڀيرو ??نج??ب اسيمبلي جو ميمبر بڻيو ۽ وڏو وزير چونڊيو. اها به اسيمبلي 1999ع ۾ تحليل ڪئي وئي. ??نج??ب حڪومت پي ايم ايل اين جي مرڪزي حڪوم?? سان گڏ ئي ختم ڪئي وئي. ان کي قيد ڪيو ويو ۽ بعد ۾ جبري جلاوطن ڪيو ويو. محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ جم??ور??ت جي بحالي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. 2008ع ۾ چوٿون ڀيرو بنا مقابلي ??نج??ب اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ۽ 8 جون 2008ع کان 26 مارچ 2013ع تائين ٻيون ڀيرو ??نج??ب جي وڏي وزير جي حيثي?? سان خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. مئي 2013ع جي عام چونڊن ۾ سندس پارٽي پي ايم ايل اين وڏي مينڊيٽ سان ٻيهر اقتدار ۾ آئي. هو صوبائ?? اسيمبلي جي ٽن سيٽن (پي پي 159، پي پي 161، پي پي 247) ۽ (اين اي 129) جي هڪ قومي سيٽ تي ڪامياب قرار ڏنو ويو. جڏهن ته هن پي پي 159 جي سيٽ برقرار رکي، نتيجي طور هو ٽيون ڀيرو رڪارڊ حيثيت ۾ ??نج??ب جو وڏو وزير چونڊيو. شهباز شريف 2018ع ۾ قوم?? اسيمبلي ميمبر چونڊيو. هن عمران خان جي مقابلي ۾ وزيراعظم جي چونڊ پڻ وڙهي، عمران خان 176 ووٽ کڻي وزيراعظم چونڊيو هو، شهباز شريف کي 96 ووٽ مليا. جنهن کانپوءِ شهباز شريف قوم?? اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ نامزد ٿيو. شهباز شريف هڪ متحرڪ ليڊر آهي جيڪو پنهنجي مضبوط ۽ بهترين ايڊمنسٽريشن جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو. کيس متحده اپوزيشن عمران خان جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ جي ڪاميابي کانپوءِ وزارت عظميٰ جو اميدوار نامزد ڪيو، نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف جو پٽ حمزه شهباز ??نج??ب اسيمبلي جو ميمبر آهي ۽ ??نج??ب جي وڏي وزير جي چونڊ ۾ مخالف ڌر جي پارٽين جو اميدوار آهي.