اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ سعودي عرب ??ي سفير نواف بن سعيدالمالڪي ملاقات ڪئي ۽ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ سعودي سفير وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ اڳ کان موجوده ٻطرفن دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري ?? اسٽريٽجڪ لاڳاپ?? جي شعبن ۾ سعودي عرب ??ان تعاو?? جي فروغ تي زور ڏنو. ان کانسواءِ هن تع??يم، صحت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، متبادل ٻارڻ ۽ صاف توانائي جي فروغ لاءِ سعودي عرب ??ي تجربي مان فائدو کڻڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو.