اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ۾ قانونسازي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جي انضمام ٿيل ضلعن جي ت??مير ۽ تر??ي کي يقيني بڻائي انهن کي قومي ڌارا ۾ شام?? ڪرڻ ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ بابت معاملا پڻ بحث هيٺ آيا. وزيراعظم نوجوانن جي لاءِ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪري خيبرپختونخواهه جي انضمام ٿيل ضلعن جي ت??قي کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي.