اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ??کڻ پنجاب صوبو رڳو تنقيد نه، آئيني ترميم سان ٺهندو، ڇا بلاول ان آئيني ترميم جي لاءِ اسان سان تع??ون لاءِ تيار آهي. ??کڻ پنجاب جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته بلاول ڀٽو ناسمجهه ۽ ان جا استاد نالائق آهن، هن چيو ته بلاول ڀٽو کي لکيل پرچيون ڏنيون وينديون آهن، بلاول ڀٽو کي هن وقت تائين ادراڪ ناهي ته هو ڇا ڪري رهيو آهي ۽ حقيقت ڇا آهي، جيئن جيئن وقت گ??رندو بلاول سمجهي ويندو ته صرف تنقيد سان ??کڻ پنجاب صوبو نه ٺهندو، ??کڻ پنجاب صوبو آئيني ترميم سان ٺهندو، منهنجو سوال آهي ته ڇا بلاول آئيني ترميم لاءِ اسان سان گڏ تع??ون ڪرڻ لاءِ تيار آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته جيڪڏهن ??کڻ پنجاب صوبي کي عملي جامو پارائڻ چاهيو ٿا ته اچو گڏجي آئيني ترميم ڪيون، هن چيو ته آئون بل پيش ڪري رهيو آهيان جيڪڏهن توهان جي نيت صاف آهي ته پنهنجو ووٽ ڏيو ۽ ??کڻ پنجاب کي حق ڏياريو، شاهه محمود قريشي چيو ته مون 19 جنوري تي خط لکيو توهان جواب ڏيڻ جي زحمت نه ڪئي، مون بلاول ڀٽو ۽ شهباز شريف کي اڄ ٻيهر خط لکيو آهي، هن چيو ته يو اين ڊي پي جي جيڪا رپورٽ آئي آ??ي ان منهنجي موقف جي تصديق ڪئي آ??ي. ??کڻ پنجاب سڀني کان پوئتي پيل ريجن آهي، مون شهباز شريف کي به يو اين ڊي پي جا سڀئي انگ اکر موڪليا آهن، منهنجي شهباز شريف کي درخواست آهي ته ??کڻ پنجاب جي معاملي تي سنجيدگي سان غور ڪري، ??کڻ پنجاب جي حقيقتن کي سامهون رکندي اڳتي وڌڻو پوندو جيڪڏهن بلاول ۽ شهباز شريف پنهنجي سياسي مفاد کي به سامهون رکن ته انهن کي ??کڻ پنجاب جي جوڙجڪ ۽ جاچ ۾ رڪاوٽ نه بڻجڻ گهرجي.