سکر – 25 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت ۾ نفرت جي باهه ڀڙڪي رهي آهي ۽ پاڪستان دلين کي ڳنڍي رهيو آهي، اسان ک?? ٻه قومي نظريي تي فخر آهي، جڏهن ڀارتي حڪومت مسلمانن جي خلاف ظلم جا داستان لکي رهيو آهي ته اهڙي وقت ۾ ٻه قومي نظريو وڌيڪ شدت سان اجاگر ٿي رهيو آهي، پاڪستان ترقي ڪري رهيو آهي ۽ سي پيڪ سان پاڪستان جي معاشي اهميت وڌي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??يڊ?? ڪاليج گهوٽڪي ۾ ??يڊ??س کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??يڊ?? ڪاليجز جي تاريخ شاندار رهي آهي، مع??شر?? خاص طور تي پاڪ فوج جي لاءِ انهن ڪاليجز اعليٰ تعليم يافته ذهن پيدا ڪيا آ??ن. انهن ادارن م ميرٽ نه هجي ته شاگردن جي محنت ??ايع ٿي وڃي ٿي. ميرٽ جي پائمالي سان ادارا تباهه ٿي وڃن ٿا. هن وقت جي مع??شر?? جي ضرورت آهي ته معيشت بهتر ٿئي ان جي لاءِ شاگردن کي تيار ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته شاگرد انفارميشن ٽيڪنالاجي تي ڌيان ڏين، ملڪ ۾ خاموش انقلاب اچي رهيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان اخلاقيات جي حوالي سان اڳتي وڌي رهيا آ??يون. پاڪستاني قوم اخلاقي لحاط کان مضبوط قوم بڻجي چڪي آهي. عوام ڪوڙين خبرن تي ڌيان نه ڏي. اڳ ۾ سمورين حڪومتن افغان پناهگيرن جي ڪڏهن ڳالهه نه ڪئي هئي، اسان افغان مسئلي کي دنيا آڏو پيش ڪيو آهي. پاڪستان ۾ 40 لک افغان پناهگير موجود آهن، ڪڏهن به ڪنهن اعتراض نه ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻه قومي نظريي تي اسان کي فخر آهي. جڏهن ڀارت ۾ نفرت جي باهه ڀڙڪي آهي ۽ ڀاري حڪومت مسلمانن جي خلاف ظلم جا داستان لکي رهي آهي ته اهڙي وقت ۾ ٻه قومي نظريو وڌيڪ شدت سان اجاگر ٿي رهيو آهي. صدر چيو ته قائداعظم محمد علي جناح چيو هو ته منهنجو ملڪ دنيا جو طاقتور ترين ملڪ هوندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ايندڙ وقت ڪمپيوٽر جي ذريعي سڌوسنئون علم حاصل ڪرڻ جو وقت هوندو، شاگردن کي پاڪستانيت جي جذبي تحت ايمان ۽ اتحاد تي قائم رهندي جديد ٽيڪنالاجي ۽ سائنس علم حاصل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ترقي ڪري رهيو آهي، سي پيڪ سان معاشي اهميت وڌي آهي ڇو ته پاڪستان وچ ايشيا جي ملڪن جي لاءِ واپاري مرڪز بڻجي سگهي ٿو.