اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان جمهوريه ڪانگو جي ??ٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف، ليفٽيننٽ جنرل اسڪابوي اسيندافال پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات جي دوران سفارتي، سياسي، اقتصادي، علائقائي ۽ سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزسير چ??و ته براعظم آفريقه ۾ جمهوريه ڪانگو کي هڪ اهم ملڪ جي حيثيت حاصل آهي، پرڏيهي وزير وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستاني قيادت پاران جمهوريه ڪانگو جي صدر ۽ آفريقي يونين جي چيئرپرسن فيلڪس انتوان شيسڪيدي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ آفريقي يونين لاءِ سندس قيادت ۽ خدمتن کي ساراهيو ۽ ڪانگو ۾ پرامن جمهوري حڪومت جي ??نتقلي تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزير جمهوريه ڪانگو جي ??رڏيهي وزير ڪرسٽوف آپالا لاءِ پاڪستان جي دوري جي دعوت جو پيغام ڏنو. پرڏيهي وزير چ??و ته پاڪستان، سفارتي حوالي سان ”انگيج آفريقه“ جي ??اليسي تي گامزن آهي، پاڪستان علائقائي امن جي حوالي سان ڪانگو جي ڪردار جو معترف آهي، ڌرين جي ??چ ۾ دف??ع، تربيت، سيڪيورٽي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي ??روغ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، شاهه محمود قريشي چيو ته گڏيل قومن جي ??شن تحت جمهوريه ڪانگو ۾ قيام امن لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهيون، جمهوريه ڪانگو جي ??ٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل اسڪابوي اسيندافال ڪانگو ۾ مقرر گڏيل قومن جي امن مشن ۾ پاڪستاني فورسز جي خدمتن کي ساراهيو.