اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو چيو آهي ته ادارن جي نجڪاري حڪومت جي معاشي سڌارن واري پروگرام جو اهم حصو آهي. ادارن جي وقت سر ۽ شفاف نجڪاريءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع قدم کنيا پيا وڃن. وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي صدارت هيٺ سرڪاري ادارن جي نجڪاريءَ جو هفتيوار جائزه اج??اس نجڪاري وزارت ۾ منعقد ٿيو. نجڪاري وزارت طرفان جاري بيان مطاب?? اج??اس ۾ سيڪريٽري نجڪاري سميت وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير کي مختلف سرڪاري ادارن جي نجڪاريءَ تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اج??اس دوران جناح ڪنيونشن سينٽر، ايس ايم اي بئنڪ، پارڪ ري انشورنس سميت ٻين مختلف ادارن جي نجڪاري جي معاملن تي تفصيلي جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير کي سرڪاري پراپرٽيز جي وِڪري، پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي ۽ـ سنڌ انجنيئرنگ لميٽيڊ بابت به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اج??اس کي ٻُڌايو ويو ته فنانس ڊويزن طرفان هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن جي بورڊ جي منظوريءَ ??اءِ سمري وزيراعظم آفيس موڪلي وئي آهي. وزيراعظم ۽ ڪابينه مان بورڊ جي منظوريءَ کانپوءِ ايڪسپريشن اينڊ انٽريشن شايع ڪيا ويندا. اج??اس کي بريفنگ دوران ٻُڌايو ويو ته فرسٽ وومين بئنڪ جي اڪائونٽس جي آڊٽ لاءِ آڊٽ فرم جي خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته سرڪاري ادارن جي نجڪاري موجوده حڪومت جي معاشي سڌارن جي ايجنڊا جو اهم حصو آهي.