اسلام آب??د – 26 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته آب??دي ۾ وڏي پئماني تي اضافي سان ملڪي وسيلن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، آب??دي ۾ اضافي کي روڪڻ لاءِ ڪيل ڪوششن ۾ عالمي پارٽنرز کي گڏ کڻي هلنداسين، هيلٿ ورڪرز ۽ عالم سڳورا آب??دي جي شرح ۾ اضافي ۽ توليدي صحت بابت عوام ۾ آگاهي پيدا ڪن، ميڊيا توليدي صحت ۽ وڌندڙ آب??دي جي مسئلي کي اجاگر ڪري، حڪومت عورتن کي صحت جي بهترين سهولتن، کين قرض ۽ تعليم جي فراهمي کي اولين ترجيح ڏئي رهي آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ بهبود آب??دي ۽ فيملي پلاننگ جي باري ۾ عالمي ڊونرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، ڪانفرنس ۾ وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وير سيد فخر امام، پارليامينٽ جا ميمبر، برطانيه ۽ ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنرز، آسٽريليا جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر، يورپي يونين جي سفير، پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريذيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر، مختلف ملڪن جي سفارتڪارن سميت سرڪاري ۽ غير سرڪاري تنظيم جي نمائندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان بهترين حڪمت عملي سان ڪورونا وبا جو مقابلو ڪيو، صحت جي شعبي ان ڏس ۾ زبردست ڪردار ادا ڪيو جنهن جي ڪري پاڪستان کي وبا کي منهن ڏيڻ ۾ ڪاميابي ??لي. هن چيو ته آب??دي جي شرح ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ ماڻهن سان رابطي جي ضرورت آهي، صدر چيو ته وفاقي حڪومت سان گڏوگڏ صوبائي حڪومتون به ان طرف پنهنجو ڌيان مرڪوز ڪيو آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ آب??دي ۾ اضافي کي روڪڻ ۽ بهبود آب??دي جي لاءِ برطانيه، آمريڪا، ڪينيڊا، آسٽريليا، يورپي يونين ۽ امدادي ادارن جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته آب??دي ۾ اضافي کي روڪڻ لاءِ عالمي پارٽنرز کي گڏ کڻي هلنداسين. هن چيو ته حڪومتي منصوبن ۽ ڪوششن جو بنيادي مقصد عورتن ۽ ٻارن جي صحت بابت تعلق آهي. هر خاندان کي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته بهبود آب??دي لاءِ خانداني منصوبابندي جي ضرورت آهي، اها ڳالهه سمجهڻ ضروري آهي ته هڪ پورو خاندان صحت مند خاندان جي طور هجي، عالم سڳورا بهبود آب??دي کي پنهنجي جمعي جي خطبن ۾ شامل ڪن، ماڻهن کي اشتهارن تي وڌيڪ ڀروسو ناهي هوندو، ميڊيا ڇاتي جي ڪينسر ۽ ٻين بيمارين بابت عوامي آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ زبردست ڪردار ادا ڪيو، ميڊيا صبح جي پروگرامن ۾ توليدي صحت ۽ وڌندڙ آب??دي جي مسئلن کي اجاگر ڪري، صدر چيو ته خاندان جي صحت ۽ تعليم سان قوم مٿي اڀرندي آهي. غير سرڪاري تنظيمون اسان سان گڏ هلن ته جيئن پاڪستان کي وڌيڪ صحت مند ۽ خوشحال بنائي سگهجي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آب??دي، عورت جي صحت، ترقي ۽ معيشت اهو سڀ شيون گڏجي هلنديون آهن، ملڪي معيشت مشڪل دور مان گذري رهي آهي، آب??دي ۾ وڏي پئماني تي اضافي سان وسيلن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، اسان جي پريشاني اها آهي ته آب??دي وڌڻ سان مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، هن چيو ته اسان کي آب??دي ۾ اضافي کي روڪڻ ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا، حڪومت عورتن لاءِ قرض ۽ تعليم جي فراهمي کي ترجيح ڏئي رهي آهي، صدر چيو ته قدرت عورت کي تعليم ۽ صحت جي حوالي سان هڪ ذميداري ڏ??ي آهي، وڌندڙ آب??دي کي روڪڻ لاءِ حمل روڪ دوائن جي فراهمي جي ضرورت آهي، عورت ۽ خاندان جي مڪمل صحت جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ ويڪسينيشن ۽ فيملي پلاننگ به شامل آهي، هن چيو ته ان حساس موضوع تي هاڻي ڳالهه ڪئي پئي وڃي ان ۾ اسان جي عالمن جو به ڀرپور ڪردار آهي، ٻارن کي ماءُ جو کير پيارڻ جي باري ۾ قرآ??ي آيتن جو پرچار ڪيو وڃي، صدر چيو ته پاڪستان 60ع 70ع جي ڏهاڪي ۾ فيملي پلاننگ جي حوالي سان بهترين ڪم ڪيو، اسان کي مستقبل جي باري ۾ پنهنجي هدفن کي مقرر ڪري وسيلن کي موبلائيز ڪرڻو پوندو.