اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اميد آهي ته اڪبر ايس بابر ڪيس وانگر پي ٽي آءِ کي به ن ليگ ۽ پي??لزپارٽي جي اڪائونٽس تائين پهچ ملندي، 5 سالن کان اسڪروٽني ڪميٽي ۾ فنڊنگ ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي پر ن ليگ ۽ پي??لزپارٽي رڪارڊ پيش ڪرڻ کان پاسو ڪري ره??ون آهن، اليڪشن ڪميشن کي نوٽسز ئي جاري ڪرڻا آهن ته پوءِ مريم، فضل الرحمان سميت سڀني جي تقريرن جو متن گهرائي وٺي، نااهل نواز شريف وانگر ن ليگ ان ڪيس ۾ ڪو جعلي قطري خط پيش ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب ن ليگ ۽ پي??لزپارٽي جا 19 اهڙا اڪائونٽس سامهون آيا آهن جنهن جو گوشواران ۾ ذڪر ناهي، نواز شريف ۽ زرداري پنهنجي ملازمن، پاپڙ وارن، فالوده وارن جي اڪائونٽس ۾ اربين روپين جي ٽرانزيڪشن ڪئي، ايئن ئي ن ليگ ۽ پي??لزپارٽي جي پارٽي اڪائونٽس کي مني لانڊرنگ ۽ پئسن جي ٽرانزيڪشن لاءِ استعمال ڪيو ويو، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن اڪبر ايس بابر کي پي ٽي آءِ جي اڪائونٽس تائين چارٽرڊ اڪائونٽنٽ ۽ فنانشل ايڪسپريٽس جي پهچ جو فيصلو ڏنو هو، ان تي پي ٽي آءِ 40 هزار ڊونرز ۽ 16 واليم جمع ڪرايا، 5 سال گذري ويا، ن ليگ ۽ پي??لزپارٽي اڪائونٽس بابت 16 صحفي به جمع نه ڪري سگهيون، هن چيو ته شڪر آهي ته اڄ مخالف ڌر کي به اليڪشن ڪميشن جي ياد اچي وئي، اسان کي اميد هئي ته ??هي ٻئي پارٽ??ون فارن فنڊنگ ڪيس ۾ پيش ٿينديون، ٺپا مافيا ڌانڌلي کي جاري رکڻ جي لاءِ اي وي ايم جي مخالفت ڪري رهي آهي، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو آئيني اداري طور احترام آهي، اليڪشن ايڪٽ جي شق 218 موجب صاف ۽ شفاف اليڪشن به اليڪشن ڪميشن جي ذميداري آهي، هن چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان ن ليگ ۽ پي??لزپارٽي اقتدار ۾ رهيون، 3، 3 ڀيرا وارا لڳايا پر شفاف اليڪشن لاءِ هڪ سڌارو به نه ڪيو، حڪومت چونڊ سڌارا آڻي رهي آهي، مخالف ڌر اي وي ايم کي ڏسڻ کانسواءِ رد ڪيو، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي اي وي ايم تي پهر??ون ٽيڪنيڪي اجلاس 8 سيپٽمبر ۽ ٻيو 15 سيپٽمبر تي هو پر ڪجهه اعتراض پهرين اچي ويا، اليڪشن ڪميشن جن اعتراضن جو ذڪر ڪيو، ??هي ته موجوده نظام ۾ به آهن، 27 اعتراض ته صلاحيت بابت آهن، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي آفيشل اڪائونٽ تان تڪراري ٽوئيٽ، رات جو دير سان ڊسڪه اليڪشن جو نوٽس، سينيٽ چونڊن کان اڳ گيلاني وڊيو تي در??واست جي باوجود ڪارروائي نه ڪرڻ ۽ اي سي پي جُون پريس رليزُون به جاري ٿين ٿيون، هن چيو ته مخالف ڌر اڄ تائين چونڊ سڌارن تي سواءِ روئڻ پٽڻ کان ڪجهه ن??هي ڪيو. هن چيو ته اليڪشن ايڪٽ جي شق 94 ۾ پرڏيهي پاڪستانين کي ووٽ جو حق آهي، ان لاءِ اليڪش ڪميشن ڪهڙا قدم کنيا، هن چيو ته پي ايم ڊي اي ڪنهن جي ذات لاءِ نه پر ميڊيا ڊولپمينٽ لاءِ آهي، مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن ۾ فرق آهي، مس انفارميشن جي ترديد يا وضاحت ممڪن آهي، ڊس انفارميشن ملڪي سالميت کي نقصان پهچائيندي آهي.