اسلام آباد – 03 ??گس?? (اي پي پي) وزيراعظم ڊل??ور?? يونٽ کي 32 وف??قي ادارن جي عوامي ڪچهرين جي پهرين ٽه ماهي رپورٽ ملي وئي آهي. وزيراعظم ڊل??ور?? يونٽ مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي 32 وف??قي ادارن 955 ڪچهريون منعقد ڪرايون، رپورٽ ۾ تعليم واري وزارت، مواصلات جي ذيلي ادارن، موٽر وي پوليس، اين ايڇ اي، نادرا جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو آهي جڏهن ته خراب ڪارڪردگي تي پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن، ريلوي آفيسرن کي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ جي تجويز به ڏني وئي آهي ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هدايتون ڏنيون ويون آهن، وزيراعظم ڊل??ور?? يونٽ موجب وف??قي ادارن جي ڪچهرين ۾ 6911 شڪايتن مان 4842 کي حل ڪيو ويو، ڪيترين ئي عوامي شڪايتن کي لاڳاپيل آفيسرن ۽ ادارن کي حل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو، وف??قي ادارن بابت عوامي آگاهي بابت 10060 ماڻهن جي سوالن تي رهنمائي ڪئي وئي. عوامي ڪچهريون فيس بڪ لائيو ۽ سڌو سنئون ٽيليفون ڪالز تي ڪيون ويون، ادارن جي سربراهن عوامي ڪچهرين جو انعقاد ڪيو.