مشهد – 04 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد ص??دق سنجراڻي وفد سميت مشهد پهچي و??و آهي. مشهد جو ڊپٽي گورنر ۽ ڪائونسل جنرل عارف ڀٽني ايئر پورٽ تي وفد جو استقبال ڪيو. وفد روضه امام رضا تي حاضري ڏيڻ کانپوءِ تهران روانو ٿي ويندو. سينيٽ چيئرمين جي سربراهي ۾ وفد ايران جي نئين چونڊيل صدر ابراهيم رئيسي جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري دوران محمد ص??دق سنجراڻي ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سميت ٻين اهم اڳواڻن سان ملاقاتون ب?? ڪندو. ان دوري ۾ سينيٽ چيئرمين محمد ص??دق سنجراڻي وزيراعظم پاڪستان عمران خان پاران پاڪستان جي نمائندگي ڪري ره??و آهي. اعليٰ سطح تي پارلياماني وفد ۾ سينيٽ چيئرمين محمد ص??دق سنجراڻي سان گڏ سينيٽرز دلاور خان، احمد خان، محمد عبدالقادر کانسواءِ سينيٽ جا اعليٰ عملدار به شامل آهن.