اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پاران ايف بي آر ۾ سڌارن ۽ معاشي پاليسين جي تسلسل سان ڪاروباري طبقو، صنعتڪار، واپاري ۽ ڪاروباري سرگرمين سان واڳيل س?? ماڻهو بنا ڪنهن فرق جي فائدو کڻي رهيا آهن. ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جولاءِ ۾ 431 ارب ارب جُون ٽيڪس وصوليُون ٿيُون آهن جيڪي اڄ تائين جي سمورين وصولين کان وڌيڪ آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته جولاءِ 2021ع ۾ ٽيڪس گ??شو??رن سان گڏ ٽيڪس ادائيگي ۾ 54 سيڪڙو، ڪسٽمز ڊيوٽيز ۾ 37 سيڪڙو، نيٽ روينيو ?? 36 سيڪڙو، گراس روينيو ?? 32 سيڪڙو، انڪم ٽيڪس گ??شو??را جمع ڪرائيندڙن ۾ 30 سيڪڙو ۽ ريفنڊ جاري ڪرڻ ۾ 26.6 سيڪڙو اضافو ٿيو جڏهن ته پاڪستان ڪسٽمز 3.6 ارب جون اسمگل ٿيل شيون ضبط ڪيون.