اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين چيو آهي ته حديبيه پيپر ملز جو ڪيس نئين سر جاچ جو گهرجائو آهي، جيڪو طريقو حديبيه ۾ پئسا ٻاهر موڪلڻ جي لاءِ استعمال ٿيو انهي کي بعد ۾ هر ڪيس ۾ اختيار ڪيو ويو، ان ڪيس کي انجام تائين پهچائڻ تمام گهڻو لاز??ي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ وزيراعظم عمران خان کي قانوني ٽيم شهباز ??ريف جي ڪيسن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني آهي. حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته حديبيه پيپر ملز جو ڪيس نئين سر جاچ جو گهرجائو آهي، ان سلسلي ۾ لاڳا??يل ادارن کي جاچ نئين سري سان شروع ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.