اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مزدورن ۽ پورهيتن جي احترام ۽ انهن جي بنيادي حقن جي تحفظ ج?? حوالي سان پنهنجي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته مزدورن جي تحريڪ هر قسم جي فرق ۽ حقن جي پائمالين جي خلاف جدوجهد جي لاءِ مشعل راهه ??هي، حڪومت خاص طور تي مزدورن جي ڀلائي ۽ تحفظ ج?? لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، مزدور ۽ آجر پيداوار جي عمل ۾ حصيدار آهن ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ج?? لاءِ انهن جو تعاون لازمي آهي. مزدورن جي عالمي ڏها??ي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته اسان مزدورن ۽ پورهيتن جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا، ماڻهن جي زندگين ۾ بهتري ۽ پاڪستان جي پائيدار ترقي ج?? لاءِ انهن جون خدمتون ساراهه ??وڳيون آهن.