اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا براڊ شيٽ معاملي تي سپريم ڪورٽ يا هاءِ ڪورٽ جي رٽائرڊ جج جي سربراهي ۾ انڪوا??ري ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ڪميٽي 45 ڏينهن ۾ پنهنجي جاچ مڪمل ڪندي، انڪوا??ري ڪميٽي براڊ شيٽ معاملي ۾ شريف خاندان سميت ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ ذريعي ٻاهرئين ملڪن ۾ اثاثا ٺاهيندڙ 200 شخصيتن، 2000ع کان هيستائين ڪيسز روڪرائڻ، معافي ڏياريندڙ سهولتڪارن کي سامهون آڻيندي، سمورن ذميوارن جي خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، انڪوا??ري ڪميٽي ڪنهن به شخص يا اداري کي طلب ??ري سگهي ٿي، براڊ شيٽ نه رڳو شريف فيملي جي 850 ملين جي اثاثن جي نشاندهي ڪئي آهي، شريف فيملي دنيا ۾ ڪرپشن جي ميدان ۾ ڪرپشن جي ري ماڊلنگ ڪئي، سوئس بئنڪ، سري محل، اومني گروپ، ايون فيلڊ اپارٽيمينٽس ڪرپشن جا جدا داستان آهن، مخالف ڌر ٻه ڀيرا اين آر او وٺي چڪي آهي هاڻي ٽئين اين آر او جي لاءِ تڙپي رهي آهي، پاناما وانگر براڊ شيٽ معاملو به عالمي سطح تي بي نقاب ٿيو آهي ان جي موجد پي ٽي آءِ نه آهي، شهباز شريف 7.34 ملين ڊالر نيب ۾ جمع ڪرايا بعد ۾ چيف جسٽس افتخار چوڌري جي فيصلي تي نيب اها رقم شهباز شريف کي واپس ??ري ڇڏي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سي??يٽ?? شبلي فراز، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري پي آءِ ڊي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ??ري رهيا هئا.