اسلام آب??د – 05 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشميري عوام ??ان عالمي برادري ۽ گڏ??ل قومن جيڪو واعدو ڪيو اهو اڃا تائين وفا ناهي ٿيو، والاريل ڪشمير جا ماڻهو ڪارن قانونن، مواصلاتي مشڪلاتن ۽ بنيادي حق ختم ٿيڻ جي باوجود پنهنجو آواز بلند ڪري رهيا آهن، هندستان جي ظلم ۽ ڏاڍ جي باوجود ڪشميري عوام جا حوصلا ڪمزور ناهن ٿيا، ا??ان کي ڪشمير مسئلي تي سياسي مصلحتن کان مٿانهون ٿي هڪ زبان ٿي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، مخالف ڌر جي قيادت پنهنجي سياسي مقصدن جي لاءِ ڪشمير مسئلي تي پنهنجو سياسي دڪان چمڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، موجوده حڪومت ڪشمير مسئلي کي ڀرپور طريقي ??ان اجاگر ڪيو آهي، جيستائين گڏ??ل قومن جي قراردادن موجب اهو مسئلو حل نٿو ٿئي، پاڪستان ڪشميري عوام ??ان گڏ بيٺل رهندو. سينيٽ ۾ ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته اختلافن جي باوجود ڪشمير مسئلي تي ا??ان جي يڪسوئي آهي، ا??ان جو موقف هڪ آهي، ا??ان جي منزل هڪ آهي، ان جو عملي ثبوت اهي گڏ??ل قراردادون آهن جيڪي ا??ان جي پارليامينٽ منظور ڪيون آهن.