اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪ??يٽي (اي سي سي) موبائيل ڊيوائس مينوفيڪچرنگ ۽ اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي جي منظوري ڏي??دي مقامي سطح تي موبائيل فون جي تياري جي شعبي جي حوصلا افزائي جي لاءِ ريٽيلرز جي لاءِ مينوفيڪچرنگ تي 4 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان کا??سواءِ مقامي طور تي موبائيل فونز جي تياري تي سيلز ٽيڪس کي ختم ڪرڻ جي اصولي منظوري پڻ ڏني وئي جنهن جي لاءِ طريقيڪار ناڻي واري وزارت سان مشاورت کا??پوءِ طئي ڪيو ويندو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وزارت پاران قرض وٺڻ جي نئين پاليسي 2020ع پيش ڪئي وئي. ان کا??سواءِ اجلاس عالمي فنانس ڪارپوريشن ??اران پاڪستاني رپئي سان واڳيل بانڊ جاري ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي، ڪراچي ٽرانسفارميشن ??لان جي ايجنڊا کي اي سي سي جي ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪيو ويو. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪ??يٽي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.