اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وبا جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي ??اء?? 10 نقاطي ايجنڊا پيش ڪندي چيو آهي ته ڪورونا وائرس تي ضابطو آڻڻ جي ??اء?? گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون، اس??ندڙ ملڪن جي ??اء?? ري اسٽرڪچرنگ ڪئي وڃي، 500 ارب ڊالر جو خصوصي فنڊ قائم ڪيو وڃي، پٺتي پيل ملڪن جا قرض معاف ڪيا وڃن، عالمي مالياتي نظام جي نئين سر تعمير جي ضرورت آهي، بدعنوان سياستانن ۽ ڏوهاري ماڻهن پاران ڦريل دولت واپس ڪئي وڃي، معاشي سيڪيورٽي ۽ تڪرارن جي خاتمي ??اء?? گڏيل قومن جي چارٽر تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي، پاڪستان ڪورونا وائرس جي صورتحال کي منهن ڏيڻجي ??اء?? 8 ارب جو رليف پئڪيج ڏنو ۽ سمارٽ لاڪ ڊائون جي ڪامياب پاليسي تي عمل ڪيو، ڪورونا وائرس 15 لک ماڻهن جون جانيون کسي چڪو آهي، ويڪسين هر ڪنهن جي ??اء?? ميسر هجڻ گهرجي، ڪورونا وائرس تي ضابطو آڻڻ جي ??اء?? گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون، بدعنوان سياستدانن ۽ ڏوهاري ماڻهن جي ڦريل دولت واپس ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا وبا جي اثرن جو جائزو وٺڻ ۽ معاشي نقصانن تي ڌيان ڏيڻ جي ??اء?? گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ورچوئل اجلاس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ان خصوصي اجلاس منعقد ڪرڻ جي تجويز ڏيڻ تي غيروابسته تحريڪ جي چيئرمين ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جا ٿورائتا آهيون، ڪورونا وبا ٻي عالمي جنگ کانپوءِ سڀ کان سنگين عالمي بحران آهي، ان وائرس سان اٽڪل 6 ڪروڙ 50 لک ماڻهو متاثر ٿيا ۽ 15 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. هن چيو ته ڪورو??ا جي ويڪسين هر ڪنهن جي ??اء?? ميسر هجڻ گهرجي، ڪورونا وبا جي ڪري ماڻهن جي مشڪلاتن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي، 1930ع کانپوءِ ڪورو??ا جي ڪري سڀ کان وڏي معاشي بدحالي کي منهن ڏيڻو پيو آهي، ان وبا سان غريب ترين ملڪ ۽ سمورن ملڪن ۾ رهندڙ غريب ماڻهو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا. هن چيو ته اس??ندڙ ملڪن ۾ اٽڪل 10 ڪروڙ ماڻهو ڪورو??ا جي ڪري غربت جي هيٺئين سطح تائين هليا ويندا. وزيراعظم چيو ته امير ملڪ پنهنجي معيشتن کي سنڀالڻ جي ??اء?? 13 ٽريلين ڊالر خرچ ڪيا جڏه?? ته ٻئي طرف اس??ندڙ ملڪن وٽ معيشت کي سنڀالڻ جي ??اء?? وسيلا نه آهن، اس??ندڙ ملڪن ٻن کان ٽن ٽريلين ڊالر جو به بندوبست نه پيا ڪري سگهن. هن چيو ته پاڪستان سمارٽ لاڪ ڊائون جي ڪامياب پاليسي تي عمل ڪيو. هن چيو ته اس??ن کي نه رڳو ماڻهن کي وائرس کان بچائڻ پر انهن کي غربت سبب مرڻ کان بچائڻ جي ??اء?? ڪوششون ڪيون آهن ۽ اس??ن اٽڪل 8 ارب ڊالر جو رليف پئڪيج ڏنو آهي جيڪو اس??ن جي جي ڊي پي جو اٽڪل ٽي سيڪڙو آهي ۽ ان جو مقصد غريبن جي مدد ڪرڻ ۽ معيشت کي مستحڪم رکڻ هو. هن چيو ته هاڻي اس??ن کي ڪورونا وبا جي ٻي شديد لهر درپيش آهي جنهن جو اس??ن ڀرپور طريقي سان مقابلو ڪري رهيا آهيون ۽ اس??ن کي پنهنجي معاشي واڌويجهه جي شرح جي بحالي ۽ ان کي برقرار رکڻ سان گڏوگڏ ڪورو??ا جي مريضن جي انگ ۾ وڌندڙ اضافي جو چئلينج درپيش آهي جنهن جي ڪري اس??ن جي اسپتالن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر معاشي اس??حڪام جي ??اء?? وڌ کان وڌ گهربل فنڊ خرچ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو پر ڪيترن ئي اس??ندڙ ملڪن وانگر پاڪستان آءِ ايم ايف پروگرام تحت بجيٽ خساري ۾ گهٽتائي جي ??اء?? قدم کڻي رهيو آهي.